پشاور زلمي دلچسپ مقابلي کانپوءِ اسلام آباد يونائيٽيڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي 13هين ميچ ۾ پشاور زلمي دلچسپ مقابلي کانپوءِ اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 8 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور ۾ پشاور زلمي ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 201 رنسون ٺاهيون.
پشاور طرفان ڪپتان بابر اعظم 63 بالن تي 111 رنسن جي اننگز کيڏي، هن 14 چوڪا ۽ 2 ڇڪا هنيا، جڏهن ته صائم ايوب 38 رنسن سان ٻيو ٽاپ اسڪورر رهيو.
اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان شاداب خان 2، نسيم شاهه ۽ آغا سلمان هڪ –هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 193 رنسون ٺاهيون، اعظم خان 75 ۽ ڪولن منرو 71 رنسن جي اننگز کيڏڻ باوجود ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيا.
پشاور جي عارف يعقوب 4 اوورن ۾ 27 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.