ڪراچي: رينجرز ريڪروٽس جي 31هين پاسنگ آئوٽ پريڊ

ڪراچي (پ ر) رينجرز ٽريننگ سينٽر اينڊ اسڪول ڪراچي ۾ رينجرز ريڪروٽس جي 31هين پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب ٿي، تقريب ۾ خاص مهمان ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار هو. ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار جي آجيان ڪئي.

خاص مهمان ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار کي چست چٿي سلامي پيش ڪئي. خاص مهمان ٽريننگ دوران اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ريڪروٽس ۾ انعام ورهايا. ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄوڪي پريڊ جو اعليٰ معيار ڏسي مون کي دلي خوشي ٿي. هي ڏينهن سندن مستقبل ۾ اهم اڳڀرائي جي حيثيت رکي ٿو. سنڌ رينجرز هر ميدان ۾ نهايت اعليٰ ڪارڪردگي، شجاعت ۽ جوش جذبي جو مظاهرو ڪيو آهي. عالمي سرحد جي حفاظت، ڪراچي ۾ دهشتگردي ۽ ڏوهارين خلاف ڪامياب آپريشن ۽ مختلف قومي ۽ صوبائي سطح جي تقريبن تي اثرائتي سيڪيورٽي جي فراهمي جهڙين ذميوارين کي مڪمل پيشيوراڻي مهارت سان پڄاڻي تي پهچايو.

خاص مهمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان رينجرز سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ امن جي بحالي لاءِ گذريل سالن ۾ واضح ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. پاڪستان رينجرز سنڌ ڪامياب آپريشنز ڪري ڪيترن ئي ڏوهارين کي گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيو آهي. ان سان گڏوگڏ وڏي انگ ۾ هٿيار، ڌماڪيدار مادو به هٿ ڪيو ويو جڏهن ته پاڪستان رينجرز سنڌ جي ڪي پي او واقعي ۾ فوري ۽ اثرائتي جواب جي سڀني ساراهه ڪئي. پاڪستان رينجرز سنڌ اسپيشل آپريشن ۾ خاص طور تي ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن سان گڏوگڏ اسمگلنگ جي خاتمي، ڪراچي ۾ پاڻي چوري خلاف اثرائتن اپائن ۽ عيرقانوني طور تي ترسيل پرڏيهين کي ڏيهه واپسي ۾ مک ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان رينجرز سنڌ جو ئي اثاثو آهي ۽ ان جا اثر صوبي ۾ امن جي بحالي جي صورت ۾ واضح نظر ايندا آهن.

ان موقعي تي تقريب ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ آفيسرن مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ مهمانن سان گڏوگڏ پاس آئوٽ ٿيل جوانن جا مائٽ به شريڪ ٿيا. تقريب ۾ پاڪستان رينجرز سنڌ جي ڪيمل اسڪواڊ جي چست جٿي به پريڊ ۾ عملي مظاهرو پيش ڪيو جنهن جي واکاڻ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.