8 فيبروري جي آتش فشان جون وڌندڙ چڻنگون ۽ ٽڪراءُ جي صورتحال

تحرير:رفيق پٽيل

8 فيبروري تي پاڪستان ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ عوام جي ڀرپور شرڪت ۽ ان جا نتيجا رڳو حيران ڪندڙ نھ آھن،بلڪھ اھو ھڪ معجزو ھو يا وري اھو ھڪ نرم انقلاب آھي.ڪو مڃي يانھ مڃي پر پاڪستان ۾گذريل سموريون چونڊن ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ ڪاميابي رڳو ان صورت ۾ ممڪن ھوندي آھي،جڏھن اھي روايتي پاڪستاني چونڊن جي سائنس تي عمل ڪن ٿا.ان سائنس ۾ ڪنھن جماعت جي اميدوارن جي بي انتھا مقبوليت سان گڏ چونڊ مھم جا ڪيئي روايتي طورطريقا شامل ھوندا آھن،جيڪي گذريل سوين سالن کان ھلندا پيا اچن.

1920 ۾ انگريز سرڪار والاريل ھندستان ۾ پھريون چونڊون ڪرايون ھيون.ان کانپوءِ ٻيون چونڊون 1923 ۾ ٿيون، انھن ۾ بھ ٿوري گھڻي فرق سان ساڳيو طريقي ڪار ھوندو ھو.سڄي دنيا ۾ پڻ چونڊ مھم دوران انھن لوازمات جي ذريعي اھي ووٽرز کي سياسي جماعتون ۽ اميدوار پاڻ ڏانھن ڇڪين ٿا.پنھنجي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جي لاءِ آمادھ ڪن ٿا،جنھن ۾ ٽيليويزن ۽ اخبارن جي ذريعي اميدوار۽پارٽي جي پيغامن کي عوام تائين پھچائڻ کانسواءِ بينرز،پوسٽرز،چونڊ مھم ۾ لاڳاپيل تڪن ۾ عوامي شرڪت سان ڀرپور ڪارنر ميٽنگز ۽ پارٽي جا ننڊا وڏا جلسا جلوس شامل آھن.ان سان گڏ ووٽرز سان گھر گھر وڃي رابطو ڪرڻ،انھن کي بوٿ ۽ پولنگ اسٽيشنن بابت آگاھ ڪرڻ ان جو حصو آھي.

جڏھن تھ پاڪستان ۾ اڌ کان وڌيڪ اھا مھم پولنگ واري ڏينھن ڪارآمد ٿيندي آھي. ان ۾ سڀني کان اھم ڪم پنھنجي ڪارڪنن کي ٽرانسپورٽ ۽ معلومات فراھم ڪرڻ آھي.جنھن سان اھي آساني سان پنھنجي پولنگ اسٽيشن تي پھچي پسند جي اميدوار جي چونڊ نشان کي سڃاڻي ان تي ووٽ ڏئي سگھن.ان کانسواءِ ھر پولنگ اسٽيشن جي لاءِ تربيت يافتھ پولنگ ايجنٽ جي مقرري بھ شامل آھي.جيڪي پولنگ ۽ ڳڻپ جي عمل ۾ ڪنھن بھ ھيراڦيري تي نظر رکندو آھي.عام طور چونڊن ۾ انھن پولنگ ايجنٽن جي سامھون ڳڻپ ڪئي ويندي آھي ۽ پولنگ اسٽيشن تي موجود پرزائيڊنگ آفيسر پنھنجي نگراني ۾ ان اسٽيشن جي نتيجي کي فارم 45 جاري ڪري ٿو.جنھن ۾ لاڳاپيل پولنگ آفيسر جي صحيح ۽ ان جي آڱوٺي جو نشان ۽ اتي موجود پولنگ ايجنٽن جون صححيون ھونديون آھن.ان کانپوءِ مختلف پولنگ اسٽيشنن جا سمورا پرزائيڊنگ آفيسر پنھنجا فارم 45 کڻي لاڳاپيل تڪ جي رٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائين ٿا.انھن جي نتيجن کي گڏ ڪري قومي يا صوبائي تڪ جا نتيجا مڪمل ٿي وڃن ٿا.جن کي فارم 47 تي لکي جاري ڪيو وڃي ٿو.

اولھھ جي ملڪن ۽ آمريڪا ۾ڳڻپ مشينن جي ذريعي ڪئي وڃي ٿي.انھن ملڪ جي چونڊ مھم دوران ٽيلويزن ۽ اخبارون راءِ عامھ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿيون.انھن ملڪن ۾ خطن جو پھچڻ بھ چونڊ مھم ھو ھڪ حصو آھي.پاڪستان ۾ رائج سموري طريقيڪار جي استعمال تي تحريڪ انصاف جي لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي ھئي.انھن جو چونڊ نشان ڦريو ويو ھو،يعني اھا سياسي جماعت جي حيثيت سان چونڊ عمل ۾ حصو نھ پئي وٺي سگھي.مجبور ٿي تحريڪ انصاف جي اميدوارن آزاد حيثيت ۾ چونڊن ۾ حصو وٺي رھيا ھئا.انھن کي جوتو،چ مچو، کٽ،واڱڻ،مرچ،بوتل،پيالو،پڃرو،ناريل،گڏھ گاڏي ۽ ٻيا مختلف نشان ڏنا ويا ھئا،ان جي باني چيئرمين عمران، ان جي نائب شاھ محمود قريشي،صدر پرويزالاھي کانسواءِ پھرين،ٻين ۽ ٽين درجي جي قيادت سميت اڻ ڳڻيا ڪارڪن جيلن ۾ھئا يا گرفتاري کان بچڻ جي لاءِ رپوش ھئا.پارٽي جي حمايت وارن آزاد اميدوارن کي بھ گھڻي رڪاوٽ کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو ھو.عام ماڻھن کي بھ ڏکائين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو ھو. گھر جي زال مڙس،ماءِ پيءُ،۽ ڀاءَ ڀيڻ جون پولنگ اسٽيشنون جدا جدا ۽ پري پري ھيون.تحريڪ انصاف جي چونڊ مھم ھر طرح سان روڪي وئي ھئي.انھن وٽ رڳو ھڪ موثر ذريعو سوشل ميڊيا ھو،جنھن ۾ يوٽيوب،ٽڪ ٽاڪ،فيس بڪ،انسٽاگرام ،ٽيوٽر،واٽس ايپ گروپس ۽ آن لائن جلسا شامل ھئا.عام خيال ھو تھ ان جو ا ثر ٻھراڙين وارن علائقن ۾ نھ ٿيندو.پر ٻھراڙين جي علائقن تائين ان جو اثر وڃي پھتو ھو.

چونڊن کان ڪجھھ ڏينھن اڳ عمران خان کي 31 سال بشريٰ بي بي کي 14 سال ۽ شاھ محمود قريشي کي 10 سال جي سزا ڏني وئي.جنھن جي ڪري اھو تصور ڪيو پئي ويو تھ تحريڪ انصاف جي حامين ۾ مايوسي پکڙجي ويندي،پر ان جي ابتڙ نتيجو مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم جي حق ۾ نھ نڪري سگھيو. ان جو ھڪ اھم سبب پاڪستان جي اڳوڻي حڪومت ۾ شامل سمورين جماعتن جي خلاف عوام جي شديد نفرت ۽ ڪاوڙ ھئي.عمران خان جي جيل ۾ ھئڻ جي ڪري بھ ان جي مقبوليت وڌي رھي ھئي.جيل ۾ رھڻ جي سبب عوام ۾ خودبخود اھڙي تحريڪ پيدا ٿي وئي جو ماڻھن آزاد اميدوارن جا نشان خود ڳوليا،ٻين جماعتن جي ٽرانسپورٽ استعمال ڪئي ۽ ووٽ وڌا.ھاڻي پڻ بي شمار نوجوان تحريڪ انصاف جي زيرزمين تحريڪ ۾ شامل ٿي رھيا آھن.

تازين چونڊن جي شروعاتي نتيجن ۾ ھر ھنڌ تحريڪ انصاف ڪامياب ٿي رھي ھئي،پر اوچتو رات جو نتيجن جو اعلان روڪيو ويو ۽ ٻئي ڏينھن تحريڪ انصاف جي اڪثر سيٽن تي جيڪا ڪاميابي ملي رھي ھئي،اھا شڪست ۾ تبديل ٿي وئي.جنھن کي تحريڪ انصاف ۽ ڪئين ٻين جماعتن تاريخ جي بدترين ڌانڌلي قرار ڏنو ۽ چيو تھ فارم 45 جي مطابق اسين کٽي رھيا ھئاسين ۽ فارم47 ۾ ھيراڦيري جي ذريعي ڳڻپ ۾ تبديلي ڪري تحريڪ انصاف ۽ ٻين جماعتن کي ھارايو ويو  آھي.

قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جون سيٽون 180 کان گھٽ ڪري 92 ڪيون ويون آھن ۽ سموري قوم اڳيان اھا ڌنڌالي وائکي ٿي وئي آھي.اھڙي ريت 8 فيبروري 2024 جون ڌانڌلي واريون چونڊون ھڪ آتش فشان جي صورت  اختيار ڪري چڪيون آھن،جنھن جي ڦاٽڻ کان اڳ ان مان دونھن ۽ چڻنگون نڪري رھيون آھن،ٻين لفظن ۾ عوام ۾ موجودھ نتيجن جي خلاف ڪاوڙ موجود آھي.جنھن کي طاقت جي استعمال سان چٿڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تھ اھوعمل ھڪ ٽڪراءُ ۾ تبديل ٿي ويندو،جنھن کي انتظاميا روڪڻ کان قاصر ھوندي ۽ اھا باھ ھن خطي کان ٻاھر پکڙجي سگھي ٿي.جڏھن آتش فشان ڦاٽي ٿو وڃي تھ ان مان نڪرندڙ لاوي جي سامھون ايندڙ ھر شيءَ ڪوئلي۾ تبديل ٿي ويندي آھي.

پاڪستان پيپلزپارٽي،مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم پنھنجي ساک وڃائي چڪيون آھن،انھن خلاف عوامي نفرت ۾ اضافو ٿي رھيو آھي.ان جو ھڪ وڏو سبب شريف خاندان ۽ زرداري خاندان جي سموري ملڪ ۾ موجود جائيدادن جي باري ۾ عام تاثر آھي ۽ ماڻھن جي خيال موجب انھن ماڻھن اقتدار حاصل ڪري ان جي اثر سان اھا دولت گڏ ڪئي آھي ۽ ان کي ظاھر ڪرڻ کان بھ پاسو ڪيو ويندو آھي.ملڪ ۾ موجود ان ڪاوڙ جي خلاف تحريڪ ھلائڻ جو ھڪ فائدو جماعت اسلامي،جمعيت علماءَ اسلام کي ان ڪري بھ ٿي رھيو آھي جو اھي ھڪ موثر مخالف ڌر طور سامھون اچي ڪري عوام کي پاڻ سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيون آھن.ان ڪري اھي جماعتون ان دائري کي وسيع ڪري ھڪ وڏو اتحاد جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيون آھن.

ھن وقت 8 فيبروري جي چونڊ نتيجن مان رڳو دونھون ۽ چڻنگون نڪري رھيون آھن،ملڪ ۾ آئين،قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي فراھمي جورستو روڪيو ويو تھ اھو آتش فشان ڦاٽي سگھي ٿو.ان آتش فشان کي ٿڌو ڪرڻ جي لاءِ پھريون قدم ھاڻوڪين چونڊن جي انصاف ڀرين نتيجن کي سامھون آڻڻ ھوندو.

 

8 فيبروري 2024 جون ڌانڌلي واريون چونڊون ھڪ آتش فشان جي صورت  اختيار ڪري چڪيون آھن،جنھن جي ڦاٽڻ کان اڳ ان مان دونھن ۽ چڻنگون نڪري رھيون آھن،ٻين لفظن ۾ عوام ۾ موجودھ نتيجن جي خلاف ڪاوڙ موجود آھي.جنھن کي طاقت جي استعمال سان چٿڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تھ اھوعمل ھڪ ٽڪراءُ ۾ تبديل ٿي ويندو،جنھن کي انتظاميا روڪڻ کان قاصر ھوندي ۽ اھا باھ ھن خطي کان ٻاھر پکڙجي سگھي ٿي.جڏھن آتش فشان ڦاٽي ٿو وڃي تھ ان مان نڪرندڙ لاوي جي سامھون ايندڙ ھر شيءَ ڪوئلي۾ تبديل ٿي ويندي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.