ڇا پ پ جو کٽڻ سنڌ جي مفاد ۾ ناهي؟

تحرير: سڪندر علي

جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي پوين سالن ۾ پنھنجي سواليا خراب حڪمراني جي باوجود ٢٠٢۴ جي چونڊن ۾ سوڀاري ٿي حڪومت ٺاهي ورتي آھي ان صورتحال ۾ سوال اھو آھي ته ڇا واقعي سنڌ واڳون جي وات ۾ وڃي رھي يا نئين سنڌ حڪومت ۾ ماکيءَ  جون نديون وھنديون ۽ خوشحاليءَ  جو دور اچڻ وارو آھي. ان سوال جو جواب ايڏو سولو ڪونھي. جيڪي ماڻھو پيپلز پارٽي جي حڪومت کي سنڌ لا۽ ھڪڙو عذاب ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن اھي اھو ٻڌائن ته جيڪڏھن پيپلز پارٽي جي جاءِ تي مخلف ڌر جي حڪومت ٺھي ھان ته ان ۾ امڪاني طور جي ڊي اي،  ايم ڪيو ايم ۽ آزاد ميمبرن جي حڪومت ٺھي ھا. انھن جو سياسي ۽ معاشي ايجنڊا ۽ مرڪز سان سنڌ جي حساس معاملن تي ڪھڙو موقف ھجي ھان اھو اڃان تائين واضع ڪونھي. ٻيو ته مخالف اتحاد وچ ۾ ڪافي سياسي،  فڪري ۽ معاشي تضاد آھن. ان ڪمزوريءَ  جي ڪري ان ڳالھه  جا چٽا امڪان نظر اچن پيا ته اهي مرڪز سان ڪو مضبوط موقف نه رکي سگھن ھا.

ھاڻي اچو ته پيپلز پارٽيءَ  جي گذريل ۽ ايندڙ امڪاني حڪومتي ڪارڪردگيءَ  جو جائزو وٺون. پوين پنجن سالن ۾ سنڌ حڪومت کي مضبوط مخالف ڌر نه ھجڻ ڪري ھڪڙو شاندار موقعو مليو ھيو ان ۾ جيڪڏھن سياسي عزم ۽ شفافيت سان ڪم ڪري ھان ته ڪافي شعبن ۾ ترقي ٿي سگھي پئي. بدقسمتي سان ادارتي سڌارن بجاءِڪافي ادارن جي ڪارڪردگي ويتر خراب ٿي. مثال طور سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي شفافيت تي سوال اٿيندا رھيا جيڪي سنڌ جي مڊل ڪلاس ۽ محنت ڪري اڳتي وڌندڙ نوجوانن لا۽ بيچيني جو سبب بڻيا. سنڌ جي ڪرندڙ تعليمي معيار بابت رپورٽون ميڊيا ۾ اينديون رھيون. يونيورسٽن جي سربراھن جو سياسي بنيادن تي ڀرتين ۽ سياسي مداخلت تعليمي ادارن جي ڪارڪردگيءَ کي خراب ڪيو. شھرن ۽ خاص طور ننڍن شھرن ۾ ميونسپل ادارن جي ڪاڪردگي نه ھجڻ برابر ھئي ان جو نتيجو اھو نڪتو ته شھرن جا روڊ ۽ رستا گٽر جي پاڻي جي تالاب جا منظر پيش ڪرڻ لڳا. سنڌ ۾ پائدار ترقيءَ  جي ڪا رٿا نظر نه آئي. ان ڪري تيزي سان وڌندڙ آبادي،  وسيلن جي کوٽ،  ماحولياتي گدلاڻ وڌڻ ۽ غير ھنرمندن نوجوانن جي تمام وڏي انگ جي جوان ٿيڻ ويتر معاشي ۽ معاشرتي مسئلا پيدا ڪيا جنھن جي ڪا اڳواٽ رٿابندي نظر نه آئي. ميرٽ ۽ شفافيت حڪومتي ايجندا ۾ نه ھجڻ برابر ھئي جنھن محنتي ۽ قابل نوجوانن جي بيچيني ۾ واڌارو ڪيو.

ان سڄي صورتحال ۾ اچو ته جائزو وٺون ته پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ نئين حڪومت سنڌ لاءِ ڪيترو لاڀائتي ثابت ٿي سگھي ٿي. پھرين ڳالھه  ته پيپلز پارٽي جي نوجوان قيادت لاءِ ھي بھترين موقعو آھي ته پوئين دور ۾ جن معاملن ۾ بھتر ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگھيا ان کي بھتر ڪيو وڃي. ميرٽ کي اوليت تي رکي اڀرندڙ پڙھيل نوجوانن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. ھنري سکيا جا موقعا پيدا ڪري نوجوانن کي روزگار لائق بڻايو وڃي. اھي شعبا جن ذريعي روزگار جا موقعا پيدا ٿين ان تي سيڙپڪاري ڪئي وڃي. شھرن توڻي ڳوٺن جي جامع رٿا بندي ڪري ان جي صفائي ۽ پاڻي نيڪالي جو پائدار بنيادن تي بندوبست  ڪيو وڃي. سنڌ جي معدني،  پاڻي ۽ قدرتي وسيلن جي مالڪي تي مرڪز آڏو مضبوط ۽ چٽو موقف رکيو وڃي. مخالف ڌر جي تنقيد ۽ آواز کي رد ڪرڻ ۽ دٻائڻ جي ڪنھن به ڪوشش جي حوصلا شڪني ٿيڻ گھرجي.

موجودھ حالتن ۾ جھڙي تھڙي به چونڊيل حڪومت سنڌ جي مجموعي مفاد ۾ آھي. حڪومتي ڌر تي اھا اھم ذميداري آھي ته مخالف ڌر کي طاقت جي زور تي ھيسائڻ کان پاسو ڪري. ڪا به افراتفري ۽ ڀڃ ڊاھ غير جمھوري طاقتن کي جواز مھيا ڪري سگھي ٿي جيڪا سنڌ جي مجموعي مفادن کي ڇيھو رسائيندي. ان ڪري ضرورت ان ڳالھه  جي آھي ته پيپلز پارٽي جي غلط ڪمن تي سگھارو آواز اٿاريو وڃي ۽ گڏوگڏ اھڙي ڪنھن به اٻھرائپ کان پاسو ڪيو وڃي جيڪا مرڪز جي سڌي مداخلت جو جواز فراھم ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.