جتي جڏهن به ظلم ڏاڍ ٿيندو آهي ته عورت، مرد جي ڀيٽ ۾ عورت جي اندر مان وڏي دانهن نڪري ٿي ، وڏيرا شاهي ڀوتارڪي نظام کان ويندي رياست ڏاڍ خلاف به هميشه عورت وڏي ڪارائتي جدوجھد ڪري پاڻ ملهايو آهي ، اسان جي جيڪڏهن ماضي ۾ جنگن ، ظلم جي داستانن کي ڏسنداسين ته عورت جو ڪردار اول صف ۾ ملندو ، اهڙي طرح اسان جي هر شهر هر ڳوٺ ۾ بهادر عورتون موجود آهن، جيڪي پنهنجن پيارن جي گمشدگين توڙي انهن جي ملندڙ لاشن خلاف انقلاب جو علم بلند ڪري ميدان ملهائينديون رهنديون آهن، دنيا ۾ عورت تحريڪ جا انيڪ مثال ملندا .
تازو ئي اسان بلوچستان ڄائي ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جو مثال وٺون جيڪا بلوچستان جي غريب مسڪين ماڻهن جي جبري گمشدگين رياستي ڏاڍ خلاف ميدان ۾ اچي هڪ وڏي تحريڪ کي جنم ڏنو، ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جڏهن بلوچستان کان اسلام آباد تائين پيادل مارچ ڪيو ته هن کي تمام گھڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ خوف زده ڪرڻ لاءِ وڏا حربا هلايا ويا پر هو بهادري سچائي ايمانداري سان اڳتي وڌندي رهي آهي ، مخلتف شهر ڳوٺ جهر جھنگ جهاڳيندي وڏي عوامي سمونڊ سان گڏ پنهنجي منزل اسلام آباد پهتي ،۽ واڳ ڌڻين جي ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، ان پويان لکيل ماهه رنگ جي تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سندن قافلي ۾ شريڪ معصوم ٻارن عورتن مٿان ڏاڍ ۽ ظلم ڪيو ويو ، پر هوءَ اٽل ارادن سان بيٺي رهي آهي حڪومت هر روز مختلف حربا هلائيندي هئي ، لاٺي چارج سميت سموريون ظلم جا پهاڙ ڪرائيندي رهي پر هن ظلم ڌاڍ جي اڳيان ڪنڌ جھڪائڻ بدران ظالمن سان اکيون اکين ۾ ملائي پنهنجو چٽو ۽ صاف موقف رکيو ، سخت سيءَ رات ڏينهن اسلام آباد جي روڊن تي گذارڻ جي باوجود به هن ملڪ جو قانون ان کي انصاف نه ڏئي سگهيو ، انساني ڀلائي ڪم ڪندڙ تنظيمون تنظيمون به خاموش رهيو ، انهن اهڙو ڪردار ادا ڪيو جو ڊاڪٽر ماهه رنگ کي پنهنجي قافلي سان گڏ واپس روانو ٿيڻو پيو ، تڏهن به هو مايوس نه آهي اڄ به پنهنجي جنگ جاري رکندي آهي اچي ان کي اميد آهي هن ڪاري رات کان پوءِ چٽو ڏينهن ضرور ٿيندو، عوام جو وڏو انگ ان سان گڏ آهي.
ان بلوچستان جي ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سنڌ ڄايون سسئي ۽ سورٺ لوهار جي به ڪهاڻي گهڻي ڀاڱي ساڳي آهي ، سسي ۽ سورٺ لوهار جي پيءُ هدايت لوهار کي 2017 ۾ جبر طور تي کنڀي گم ڪيو ويو ته ٻنهي نياڻين پنهنجي بابا جي جبري گمشدگي خلاف هٿين خالي پرامن احتجاجن جو اعلان ڪيو، مختلف وقتن تي احتجاجي تحريڪون هلائڻ احتجاج ڪرڻ کانپوءِ سندن والد کي آزاد ڪيو ويو، پر قومپرستي جو جذبو سنڌي ماڻهن سان محبت سسئي ۽ سورٺ لوهار جي والد هدايت لوهار جي رڳ رڳ ۾ سمايل هو جنهن جي ڏوھ ٻيهر پوليس هدايت لوهار کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو ،سندس نياڻي مسلسل تحريڪ جون علامت بڻيل رهيون ، سسي ۽ سورٺ کي به ڌمڪيون ملنديون رهيون پر ان باوجود به همٿ ۽ بهادري سان ميدان عمل رهيون.
نيٺ طاقتور قوتن کي سندس والد هدايت لوهار کي آزاد ڪرڻو پيو ، جنهن کانپوءِ سندس والد نصيرآباد ۾ پنهنجي ايمانداري سان اسڪول ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو هو ان جي باوجود به پرامن شهري هدايت لوهار کي سرعام ڳولين جو کاڄ بڻايو ويو جيڪو هڪ استاد جو نه پر پوري انسانيت جو قتل هو ۽ قانون جو قتل هو، جنهن جي خلاف هدايت لوهار جون بهادر نياڻيون شروعات ۾ پنهنجي پيءُ جو لاش انڊس هاءِ وي روڊ تي رکي ڪيترائي ڏينهن ڌرڻو ڏنو، هڪ بلوچ نياڻي ماهه رنگ بلوچ آهي جنهن جي ساٿ اتي جي ماڻهن ڏنو هو ۽ هو هڪ اميد ٿي اڀري ميدان عمل ۾ آئي.
ٻئي طرف سنڌ جون نياڻيون سسي ۽ سورٺ لوهار آهن جيڪا بي گناھ قتل ڪيل سندس پيءَ جي خون سان انصاف ٿيڻ جي لاءِ پرامن احتجاج ڪري رهيو آهن پر سنڌ جو قومپرست ڌريون ان جو ساٿ ڏيڻ کان لنوائي رهيون آهن وڏي تعداد نه ئي سهي پر ڪجهه حد تائين سنڌ شعور ٻنهي نياڻين ٻنهي نياڻين کان نصيرآباد جو اهو سهارو احتجاج ختم ڪرايو، هن ملڪ ۾ انصاف ملڻ تي مشڪل آهي پر ماهه رنگ بلوچ ۽ سسي سورٺ جي جدوجھد تاريخ جي ورقن ۾ هڪ نئون باب ضرور لکي ڇڏيو آهي، ۽ جڏهن به تاريخ ظلم جي داستان جا ورق کوليندي ان ۾ سنڌ ڄائين جو ذڪر ضرور هوندو.