پيٽروليم جي شئين ۾ واڌ ۽ زميني حقيقتون

اعجاز ممنائي

ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي هلندڙ جنگ جتي پوري دنيا کي پريشان ڪيو آهي اتي پاڪستاني حڪمرانن جا وارا نيارا ٿي ويا آهن، مهانگائي جو طوفان ائين برپا ٿي رهيو آهي ڄڻ جنگ ئي اسان جي ملڪ سان ٿي رهي آهي، اڄڪلهه هر هنڌ ساڳي ڪهاڻي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي ته جنگ سبب پيٽرول جي قيمتن ۾ هر روز بي انتها واڌارو ٿي رهيو آهي، بجلي جا اگهه آسمان کي ڇُهي رهيا آهن، گئس جي قيمت غريبن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. اهو صرف انگن اکرن جو معاملو ناهي. جڏهن پيٽرول مهانگو ٿئي ٿو، ڀاڄيون، اٽو، دوائون، ڪرايو، مطلب ته سڀ ڪجهه وڌي وڃي ٿو ۽ ان جا اثر ڏهاڙيدار مزدور طبقي ۽ محدود پگهاردار ماڻهن تي ٿئي ٿو۔جڏهن ته حڪمرانن جون عياشيون جيئن جو تيئن برقرار رهن ٿيون۔ هن سرمائيدار سماج ۾ غريبن جي اهنج جو ڪو علاج ڪونهي گهر جو چرخو هلائيندڙ  کي خبر آهي ته جڏهن 150,000 روپين جي پگهار مان بجلي ۽ گئس جو بل به ڀرڻو آهي۔ سڄي مهيني جي ڪرياني جو سامان به وٺڻو آهي۔ سڄو مهينو ڀاڄيون به وٺڻيون آهن۔ ٻارن جي اسڪول جي فيس به ڏيڻي آهي۔ بيمار ماء پيء جون دوائون به وٺڻيون آهن۔ اهي سڀ پئسا ڪٿان ايندا؟ حڪمرانن طرفان ته اهو چيو ويندو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ لاهه چاڙهه ۽ آءِ ايم ايف جي نئين شرطن جي ڪري، پيٽرول ۽ بجلي جون قيمتون وڌائي رهيا آهيون پر عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪابه حڪمت عملي ڪانهي جنهن ڪري ماڻهن ۾ حڪومت خلاف شديد ڪاوڙ جي لهر ڏسڻ ۾ اچي ٿي ڇوته سمورين مصنوعات ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ڪيترائي بحران پيدا ڪري رهيو آهي.

سچ اهو آهي ته ماڻهن مان هاڻي برداشت جو مادو ختم ٿي چڪو آهي. مسلسل واڌ جو هي سلسلو ڪو هڪ ڏينهن جو مسئلو ناهي، پر اهو سڄي زندگي جو بحران آهي. روزانو مهانگائيء جو طوفان ڏسي ماڻهن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا آهن۔ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪو حڪمران هن مهانگائي تي ماڻهن جو اعتماد پيدا ڪري۔ڇوته پاڪستان ۾ پيٽرول، بجلي ۽ گئس جي قيمتن ماڻهن جي زندگين کي ناقابل برداشت بڻائي ڇڏيو آهي. مهانگائي جو هي طوفان هر گذرندڙ ڏينهن سان تيز ٿي رهيو آهي. گهريلو بجيٽ بيوس بڻجي ويئي آهي، غريب طبقي جي ڪمائي آمدني کان وڌيڪ خرچن ۾ هلي وڃي ٿي. عالمي منڊي ۾ ايندھن جي قيمتن ۾ هڪ جھٽڪو اچي ٿو يا آءِ ايم ايف جي شرطن جي سختي ٿئي ٿي ته غريب ماڻهن تي اهڙي معاشي باهه ٻاري وڃي ٿي ڄڻ هو ڪنهن ڌارئي ملڪ جو شهري هجي۔

تازو ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌندڙ قيمتن ته عوام جي زندگي تمام گهڻو مفلوج ڪري ڇڏي آهي،هڪ ئي هفتي ۾ 200 کان 250 روپيا اضافو ڪري عوام کي اجتماعي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي۔ سرمائيدار حڪمرانن وٽ غريب کي ويتر غريب ڪرڻ جون پاليسيون ٺهيل آهن۔خبرون اهي به اچي رهيون آهن ته ڪجھه ڏينهن بعد پئٽرول ۽ ڊيزل جي نئين قيمتن ۾ اڃا وڌيڪ اضافو، ٽرانسپورٽ کان وٺي کاڌي پيتي جي شين تائين هر شيءِ کي مهانگو ڪيو ويندو، جڏهن ته عام ماڻهو پنهنجي محدود آمدني ۾ زندگي گذارڻ لاءِ اڃا وڌيڪ پريشان ٿيندو.ڇوته عالمي جنگ ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي۔افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ايران جنگ جي پهرئين ڏينهن کان وٺي پاڪستان کي تيل کڻڻ کان نه روڪيو آهي ان جي باوجود تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي۔

ايران پوري دنيا جي لاءِ اک جو ڪنڊو بڻيل آهي ۽ ڀرپور نموني سان جنگ وڙهي سڀني سان مهاڏو اٽڪائيندي به پنهنجي عوام کي ڀرپور رليف ڏيئي رهيو آهي سندن گئس جا بل معاف ڪري ڇڏيا آهن پئٽرول جي قيمتن ۾ انتها درجي جي گهٽتائي ڪئي آهي پر اسان جا حڪمران عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي عياشيون ڪري رهيا آهن۔ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني لاءِ 90 ملين رپين جي نئين گاڏي خريد ڪئي وئي۔ "پنجاب 2” جي نالي سان آيل جهاز پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز لاءِ 10 ارب ۾ خريد ڪيو ويو آهي هن جهاز ۾ ڪل 19 سيٽون آهن،هن جهاز جو ساليانو تيل 86 ڪروڙ جو آهي ان کانسواء وزيراعظم جي سرڪاري رهائش ۽ خرچن کي 720 ملين کان وڌائي تقريبن 860 ملين روپيا ڪيو ويو.وزيراعظم هائوس جي گاڏين لاءِ 90 ملين روپيا، وزيراعظم هائوس جي ڊسپينسري لاءِ 144 ملين روپيا ۽ وزيراعظم هائوس جي باغ لاءِ 448 ملين روپيا مقرر ٿيل آهن۔ وزيراعظم جي دورن لاءِ 6 ملين روپيا ۽ وزيراعظم چيرٽي لاءِ 42 ملين روپيا بجيٽ مختص ٿيل آهي. جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي وزيرن لاءِ بجيٽ 270 ملين رپين کان وڌائي 505.4 ملين روپيا ۽ وزيراعظم جي صلاحڪارن لاءِ 36.1 ملين رپين کان وڌائي 63.1 ملين رپيا ڪيا ويا۔ ائين ڪابينا ڊويزن لاءِ 688.7 ملين رپين جي بجيٽ رکيل آهي۔‏

پاڪستان ۾  پيٽرول جي  2000ع کان 2026ع تائين سال وائيز جيڪا سراسري قيمت رهي آهي اها هن ريت آهي:سال 2000ع ۾ جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ پهريون ڀيرو 30 رپيا، 2001ع ۾ ٻيون ڀيرو 26 رپيا،2002ع ۾ ٽيون ڀيرو 31 رپيا اضافو ٿيو. 2003ع ۾ ظفرالله خان جمالي جي دور ۾ پهريون ڀيرو 25 روپيه ٻيون ڀيرو 30 روپيه،2004ع ۾ ٽيون ڀيرو 35 رپيا اضافو ٿيو۔ 2005ع ۾ شوڪت عزيز جي دور ۾ پهريون ڀيرو 37 رپيا، ٻيو ڀيرو 2006ع ۾ 40 رپيا،2007ع ۾ ٽيون ڀيرو 58 رپيا، 2008ع ۾ چوٿون ڀيرو 60 روپيا اضافو ٿيو۔ 2008ع ۾ يوسف رضا گيلاني جي دور ۾ پهريون ڀيرو 67 رپيا، ٻيهر 2009ع ۾ 65 رپيا، 2010ع ۾ ٽيهر 73 رپيا، 2011ع ۾ چوٿون ڀيرو 80 رپيا اضافو ٿيو۔ 2012ع ۾ راجا پرويز اشرف جي دور ۾ 108 رپيا وڌيا۔ 2013ع نواز شريف جي دور ۾ پهريون ڀيرو 110 رپيا،  2014ع ۾ ٻيهر 95 رپيا، 2015ع ۾ ٽيهر  80 رپيا،2016ع ۾ چوٿون ڀيرو 75 رپيا اضافو ٿيو۔ 2017ع ۾شاهد خاقان عباسي جي دور ۾ 69 رپيا وڌيو۔ 2018ع ۾ عمران خان جي دور ۾ پهريون ڀيرو81 رپيا، ٻيو ڀيرو 2019ع ۾ 90 رپيا، ٽيون ڀيرو 2020ع 100 رپيا، چوٿون ڀيرو 2021ع ۾ 120 رپيا اضافو ٿيو۔ 2022ع ۾ شهباز شريف جي دور ۾ پهريون ڀيرو 150 رپيا، ٻيو ڀيرو 2023ع ۾ 267 رپيا،ٽيون ڀيرو 2024ع ۾ 281 رپيا، چوٿون ڀيرو 2025ع ۾ 269 رپيا، پنجون ڀيرو 2026ع ۾ 459 رپيا اضافو ٿيو آهي۔ جڏهن وزيراعظم پاران هنگامي خطاب ڪري پئٽرول ۾ 80 روپيا گهٽتائي ڪئي ويئي۔ اتي هڪ چوڻي ياد اچي وئي  هڪ ڀيري تندور وارو بادشاهه وٽ ويو ته ماني 2 روپيه مهانگي ڪئي وڃي۔ بادشاهه حڪم ڏنو ته ماني 10 روپيه مهانگي ڪئي وڃي۔ ٻئي ڏينهن عوام بادشاهه وٽ پهتو ۽ عرض ڪيو ته ماني سستي ڪرايو۔ بادشاهه ٻيهر حڪم ڏنو ته ماني 5 روپيا سستي ڪئي وڃي۔اهو حڪم ٻڌي عوام به خوش ٿي ويو ۽ تندور واري کي به ٻن روپين جي جاء تي 5 روپيا ملي ويا۔اسان سان ائين ئي ٿيو پيٽرول 137 روپيه وڌائي 80 روپين جي رعايت ڪئي ويئي۔

هن وقت ملڪ جي تقريبن اڌ آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي ۽ عام ماڻهو تي تقريبن 2 هزار ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا آهن.جڏهن ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ بار بار اضافو غريب ۽ وچولي طبقي کي معاشي طور ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت روز ڪمائي روز کائڻ وارن لاءِ گهر هلائڻ  ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي. هڪ طرف بجلي ۽ گيس جا اگھ هڪ هنڌ نه پيا رڪجن، ته ٻئي طرف هڪ هفتي اندر پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڏو اضافو عوام جي دردن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهيو آهي.جنهن خلاف عوام ۽ باشعور طبقي کي مزاحمت ڪرڻ گهرجي۔ ٻي صورت ۾ هي حڪمران عوام جو اڃا وڌيڪ رت چوسي جيئڻ جو حق کسي وٺندا۔حڪومت جو فرض عوام کي رليف ڏيڻ هوندو آهي پر افسوس حڪمران هر هفتي عوام لاءِ مهانگائي جو نئون طوفان آڻڻ جون تياريون ڪيون وڃن ٿيون۔عوام هڪ ڏينهن دانهون ڪري وري خاموش ٿي وڃي ٿو ۽ حڪمران بي خوف ٿي نوان ٽيڪس ۽ نيون پاليسيون مرتب ڏين ٿا۔ جنهن خلاف سياسي ۽ سماجي ڌرين کي سنجيده ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن غريب طبقو سڪون سان زندگي جا پهر پورا ڪري سگهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.