غزه جي جنگبندي جي ڪوششن ۽ يرغمالين جي آزاديءَ جي معاهدن تي قطر جي ميزباني ڳالھيون شروع ٿي رھيون آھن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ان کانپوءِ اسرائيل ۽ حماس جا نمائندا مصر ويندا جتي معاهدي تي عمل جي وقت ۽ طريقيڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو جو ضد برقرار آهي ۽ نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته معاهدي ٿيڻ جي صورت ۾ رفح آپريشن ۾ دير ٿي سگهي ٿي پر رفح آپريشن ضروري ٿيندو. اسرائيلي ڪابينا دوحا ۾ ڳالھين جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ان کي شرڪت لاءِ روانو ڪري ڇڏيو آھي.
مصر جي سرڪاري خبر رساں ايجنسي القرآن نيوز موجب غزه ۾ جنگبندي بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ مصر، قطر، آمريڪا ۽ اسرائيل جي ماهرن وچ ۾ ڳالهيون دوحا ۾ شروع ٿي ويون آهن.نيوز ايجنسي اي ايف پي موجب اسرائيلي وفد موسال جي سربراهه ڊيوڊ برنيا جي قيادت ۾ اسرائيل جو وفد جمعي ڏينهن پيرس ۾ هو ته جيئن جنگ بندي ۽ قيدين جي مٽاسٽا کي يقيني بڻائي سگهجي.
اسرائيلي ميڊيا موجب ڇنڇر تي ڪابينا ڳالهين کي جاري رکڻ لاءِ هڪ وفد دوحا موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.ڌرين ۾ اهي ڳالهيون پيرس ۾ ڳالهين جو تسلسل هونديون، جنهن کانپوءِ ڳالهين جو ھو ٻيو دور مصر جي گادي جي راڄڌاني قاهره ۾ ٿيندو.
7 آڪٽوبر 2023 تي حماس پاران اسرائيل تي حملي کانپوءِ اسرائيل غزه تي وحشياڻي بمباري سان گڏ زميني ڪارروائي پڻ شروع ڪئي هئي. ساڍن چئن مهينن کان مسلسل اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 30 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي.ڪجھ وقت کان سڄي دنيا ۾ اسرائيل جي بمباري جي نندا ڪئي پئي وڃي ۽ اسرائيل تي حملا بند ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌي ويو آهي ۽ هن سال آمريڪي چونڊن کان اڳ صدر جوبائيڊن به اسرائيلي ڪاررواين سبب سخت دٻاءُ ۾ آهي، جنهن ڪري عالمي برادري کي حملن کي روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
اسرائيل حملي جي حوالي سان حماس جي پاڙ پٽڻ جو عزم ڪيو آهي، اسرائيلي وزيراعظم تازو ئي جنگ کانپوءِ سموري علائقي جو ڪنٽرول اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز جي حوالي ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي هئي.
ڳالهين دوران حماس جنگ بندي ۽ غزه مان اسرائيل جي مڪمل واپسي جو مطالبو ڪيو هو پر نيتن ياهو انهن مطالبن کي رد ڪري ڇڏيو.
هاڻي رفح ۾ اسرائيلي زميني ڪارروائي جو خوف وڌي ويو آهي، جتي غزه مان 14 لک ماڻهو بي گهر ٿي ويا.آمريڪا، عرب ملڪ ۽ ٻيا ٽياڪڙ پراميد آهن ته 10 يا 11 مارچ تي رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ کان اڳ جنگ بندي ۽ قيدين جي آزادي جو معاهدو طئي ٿي ويندو.