اسرائيل جو ايراني قيادت کي نشانو بڻائڻ ۽ اهم پلانٽن کي تباهه ڪرڻ جو کليل اعلان

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي بچاءُ واري وزير اسرائيل ڪاتزچيو آهي ته جيڪڏهن ايران آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي جواب ۾ اسرائيل تي حملا جاري رکندو ته ايران جي قيادت جو پيڇو ڪري کين مارڻ جو سلسلو جاري رکيو ويندو ۽ گڏوگڏ اهم ايراني ٿاڪن کي به نشانو بڻايو ويندو.
آچر ڏينهن جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ اسرائيلي بچاءُ واري وزير چيو ته جيستائين ميزائل فائر ٿيندا رهندا ۽ اسرائيلي شهرين کي نشانو بڻايو ويندو، ايران کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، جنهن سان ان جو قومي انفراسٽرڪچر ۽ نظام جون عملي صلاحيتون مفلوج ٿي وينديون.
هن وڌيڪ چيو ته ان دوران دهشتگرد قيادت جو پيڇو ڪري کين غير اثرائتو بڻائڻ سان گڏ سڄي ايران ۾ سيڪيورٽي هدفن ۽ اسٽريٽيجڪ وسيلن تي حملا جاري رکيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.