فريال ٽالپر ايوان ۾ ٿاٻڙجي ڪري پئي

ڪراچي: پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي اڳواڻ ايم پي اي فريال ٽالپر ايوان ۾ ڪري پئي، سيد قائم علي شاهه ٿاٻڙجي ويو، خبر موجب  سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ ميمبرن جي سائن ڪرڻ دوران فريال ٽالپر رجسٽر تي سائن ڪرڻ بعد اسپيڪر آغا سراج دراني سان ملي ان بعد جئين هو ڊائيس تان لٿي ته پير ترڪڻ سبب ڪري پئي، فريال ٽالپر فورن پاڻ سنڀالي ورتو، ان دوران ڪافي ميمبر مدد لاءِ سيٽن تان پڻ اٿي بيٺا پر فريال ٽالپر پاڻ سنڀالي ورتو ۽ هو اچي پنهنجي سيٽ تي ويهي رهي، اهڙي طرح سينيئر سياستدان قائم علي شاهه پڻ اسپيڪر ڊائيس ڏانهن وڌندي ٿاٻڙجي ويو

 

پر هن پاڻ سنڀالي ورتو. اجلاس دوران فريال ٽالپر مڪيش ڪمار کي هدايت ڪئي ته هو جلد نڪرندي ان ڪري سندس سعديه جاويد جي تڪڙي سائين ڪرايو، ان تي مڪيش ڪمار ڪوشش ڪئي پر اسپيشل سيڪريٽري حسن شاهه رولز جو حوالو ڏئي درخواست رد ڪئي، ان بعد فريال ٽالپر هڪ ڀيرو ٻيهر گذارش ڪئي، جنهن تي  ٻين ميمبرن جي سيريل کي ڇڏي ڪري سعديه جاويد کي سائن لاءِ تڪڙو سڏايو ويو.

  1. نثار کهڙو، ڄام مهتاب، نادر مگسي حلف نه کنيو

ڪراچي: پ پ، سني اتحاد ڪائونسل، جي ڊي اي ۽ جماعت اسلامي جي 21 ميمبرن پهرين  ڏينهن حلف نه کنيو، حلف نه کڻندڙن ۾ پ پ جو سينيٽر نثار کھڙو، ڄام مھتاب ڏهر، نادر مگسي ۽ ٻيا شامل آهن،

 

جڏهن ته جماعت اسلامي جي حافظ نعيم الرحمان، گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائينس جي راشد شاهه ۽ دستگير راڄڙ سميت 3 ميمبرن ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي 6 ميمبرن حلف نه کنيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.