گورنر گيلري ۾ نثار کهڙو، منظور وساڻ،غوث بخش مهر ۽ ٻيا ويٺل

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي ايوان جي ڪارروائي ڏسڻ لاءِ گورنر گيلري ۾ اڳوڻا وزير،  سينيئر سياستدان ۽ ٻيا مهمان ويٺل هئا، جن ۾ پ پ سنڌ جو صدر سينيٽر نثار کھڙو، ڄام مھتاب ڏهر، منظور وساڻ، غوث بخش مهر، راجا خان مهر، امير حيدر شاهه، عبدالڪريم سومرو، نگران وزير ايشور لال ۽ ٻيا موجود هئا.

  1. فريال ٽالپر ۽ عذرا پيچوهو بلوچي ڊريس پائي ايوان ۾ پهتيون

ڪراچي: فريال ٽالپر ۽ عذرا پيچوهو بلوچي ڊريس پائي آيون، ملير مان چونڊيل نمائندو پٺاڻن وارو پٽڪو ٻڌي آيو، تنزيله  قمبراڻي ايوان ۾ سادي لباس ۾ آئي، جڏهن ته 2018 وارين چونڊن کانپوءِ ايوان ۾ شيدين جي روايتي لباس ۾ آئي هئي، هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شيدي بادشاه هم بادشاهه هين، پ پ وارا جيڪي نعرا هڻن ٿا ته مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون، اهي ٻڌن ته اهو اصل نعرو اسان جو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.