سنڌ اسيمبلي جي 168 مان 147 ميمبرن جي حلف برداري،نعرا،گوڙ

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ ) سنڌ اسيمبلي جي 168 ميمبرن جي ايوان مان 147 ميمبرن حلف کڻي ورتو، جيئي ڀٽو جا نعرا، سني  اتحاد، جي ڊي اي ۽ جماعت اسلامي جي ميمبرن سميت ڪل 21 ميمبرن حلف نه کنيو، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ نامزدگي فارم جمع، چونڊ اڄ ٿيندي، خبر موجب سنڌ اسمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ 40 منٽ دير سان 11 لڳي 40 منٽن تي شروع ٿيو، ان بعد قومي ترانو، تلاوت ۽ نعت پيش ڪيو ويو، جنهن بعد اسپيڪر آغا سراج دراني شهيد بينظير ڀٽو  کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ايوان ۾ وائي ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي الا پيش ڪرائي، ان دوران اسڪرين تي بينظير ڀٽو جون يادگار تصويرون به ڏيکاريون ويون، اسپيڪر آغا سراج دراني سمورن ميمبرن کي ايوان ۾ ڀليڪار ڪندي چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳڪٿي سچ ثابت ٿي پ پ کي اڳ کان وڌيڪ مينڊيٽ مليو آهي، ان ڪري ليڊرشپ تي فخر آهي، هن چيو ته پ پ قيادت بلاول ڀٽو، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تي فخر آهي، فريال کي جيل ۾ به وڌو ويو، سندس قيادت ۾ اڳتي وڌون پيا، هن چيو ته ڪجهه ماڻهو سنڌ اسيمبلي اڳيان احتجاج ڪن پيا، جن کي چونڊ هارائڻ تي تڪليف  آهي ته اهي اليڪشن ڪميشن وٽ وڃن، ڇاڪاڻ ته اسان کي سنڌ جي عوام چونڊيو آهي ۽ هنن کي رد ڪيو آهي، هنن چيو ته چونڊ هارائيندڙن کي محنت ڪري ٻيهر چونڊن ۾ حصو وٺي ايوانن ۾ اچڻ گهرجي، باقي احتجاج ڪرڻ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو، اسان سان سنڌ جو عوام گڏ آهي، اسين ايوان توڙي عوام جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا،ڪنهن کي به ايوان ۾ اچڻ نه ڏنو ويندو، ان دوران گئلرين ۾ ويٺل پ پ جي حمايتي اڳوڻن توڙي ڪارڪنن جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا،اپوزيشن اڳواڻن به نعري بازي ڪئي،  ان تي اسپيڪر وارننگ ڏيندي چيو ته خاموشي اختيار ڪئي وڃي نه ته سڀني کي ٻاهر ڪڍيو ويندو، جنهن بعد اسپيڪر ميمبرن کي حلف لاءِ چيو ته اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه قانون جو حوالو ڏيندي اسپيڪر کي ميمبرن کان حلف کڻڻ کان روڪيو ۽ گذارش ڪئي ته پهرين اسپيڪر پاڻ حلف کڻي، ان بعد پهرين اسپيڪر آغا سراج دراني پاڻ سنڌي ۾ حلف کنيو ان بعد هن ايوان ۾ موجود ميمبرن کي چيو ته جيڪي سنڌي ۾ حلف کڻڻ چاهين اهي پهرين کڻن، جنهن تي ايوان ۾ موجود ميمبرن جي اڪثريت سنڌي ۾ حلف کنيو، جن ۾ مرادعلي شاهه، قائم علي شاهه، فريال ٽالپر، اويس قادر شاهه، سردار شاهه، اسماعيل راهو ۽ ٻيا شامل آهن، ان بعد ميمبرن کان اردو ۾ حلف ورتو ويو، اردو ۾ سعيد غني، علي خورشيدي، سڪندر شورو سميت سرڪاري ۽ مخالف ڌر جي 40 کن ميمبرن حلف کنيو، ان بعد محمد بخش مهر، ندا کهڙو، سردار چانڊيو ۽ ٻين انگريزي ۾ حلف کنيو، ايوان ۾ ايم ڪيو ايم جو عبدالباسط اهو پهريون ميمبر هو جنهن کي ايوان ۾ سائن لاءِ گهرايو ويو، ٻيون نمبر پ پ جو عبدالرئوف کوسو ۽ ٽيون نمبر عبدالرزاق راڄڙ هو. اهڙي طرح سنڌ اسيمبلي جي ڪل 168 ميمبرن مان 147 ميمبرن حلف کنيو، جن ۾ پ پ جا 111 ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا 36 ميمبر شامل هئا، جڏهن ته 21 ميمبرن حلف نه کنيو، جن ۾ سني اتحاد ڪائونسل جا 6، جي ڊي اي جا 3، ۽ جماعت اسلامي جو هڪ ميمبر شامل  آهي، جڏهن ته پ پ جي نثار کهڙي، مهتاب ڏهر، نادر مگسي سميت 11 ميمبرن حلف نه کنيو آهي. اسپيڪر آغا سراج دراني اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نامزدگي فارمن جو اعلان ڪندي اسيمبلي جواجلاس اڄ صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، اڄ رٿيل اجلاس ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي، ان کانپوءِ وڏي وزير لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.