ڪراچي/ملير ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو + جميل چانڊيو ) سنڌ ۾ چونڊ ڌانڌلين خلاف مختلف هنڌن تي احتجاج دوران چڪريون ٿيون، سنڌ اسيمبلي ٻاهران پوليس احتجاج ڪندڙن تي ڪڙڪي پئي، سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن تي تشدد ڪيو ويو، ڪيتريون ئي ڪارڪن عورتون گرفتار ڪيون ويون، جي ڊي اي ۽ اتحادين 27 فيبروري تي ڪارو ڏينهن ۽ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. اڳواڻن چيو ته ايندڙ ڌرڻو آصف زرداري جي گهر آڏو هنيو ويندو. سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري جي موقعي تي ريڊ زون ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، جڏهن ته چونڊ ڌانڌلي خلاف مخالف ڌر جي احتجاج تي پوليس لاٺي چارج، شيلنگ ڪندي مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو. ڪيترن ئي روڊن تي ٽريفڪ جام ٿي وئي. شاهراهه فيصل تي سخت ٽريفڪ جام ٿي وئي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاج ڪندڙ جي ڊي اي عورتن ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، جي ڊي اي ڪارڪنن کي پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو. گرفتاري کان اڳ پوليس مظاهرين تي لاٺي چارج پڻ ڪيو. مخالف ڌر جا ڪارڪن پوليس پاران لڳايل سموريون رڪاوٽون پار ڪري ريڊ زون ۾ داخل ٿي ويا. پوليس مظاهرين کي سنڌ اسيمبلي طرف وڌڻ کان روڪيو. ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي پوليس ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيو، پوليس جي شيلنگ ۾ ڪجهه ڪارڪن زخمي ٿيا آهن.راشد محمود سومرو کي به ڄنگهه ۾ شيل لڳو، راشد محمود سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارڪنن جو نرسري وٽ ڌرڻو هنيو ويو.ڪراچي ٽول پلازه، سسئي ٽول پلازه ۽ ڪارساز وٽ لڳايل ڌرڻا ختم ڪيا ويا، پوليس پاران ڪراچي ٽول پلازه، سسئي ٽول پلازه ۽ ڪارساز وٽ قافلن کي روڪيو ويو هو. راشد محمود سومرو جي پوليس آفيسرز سان ڏند چڪ به ٿي، جي ڊي اي جون ڪارڪن عورتون به جي يو آءِ سان گڏ ڌرڻو هڻي ويهي رهيون.ڌرڻن مان ڪراچي پريس ڪلب ڏانهن ويندڙ مظاهرين کي روڪڻ تان شاهراهه فيصل وٽ چڪريون شروع ٿيون، راشد محمود سومرو پاران وڊيو بيان ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس کي قافلن کي روڪڻ جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس پاران سنڌ اسيمبلي آڏو اعلانيل ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ڪارڪنن کي سپر هاءِ وي ۽ سسئي ٽول پلازه گهگهر تي روڪيو ويو، موٽر وي ٽول پلازا وٽ ڪارڪنن پاران جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي راشد محمود سومرو پاران انتظاميه آڏو سخت احتجاج ڪندي گهر ڪئي وئي ته جيڪڏهن اوهان وٽ ڪو لکت ۾ آرڊر آهي ته اهو ڏيکاريو وڃي انتظاميه پاران ٽال مٽول تي راشد محمود سومرو جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪن سپر هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي راشد محمود سومرو چيو ته اسان جو احتجاج پرامن آهي ان کي روڪڻ لاءِ سرڪار مختلف هنڌن تي اسان جي هزارين ڪارڪنن جي رستا روڪ ڪئي آهي ۽ کين ڪراچي طرف وڃڻ نه پيو ڏنو وڃي هن چيو ته عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻي پنهنجي من پسند ماڻهن کي چونڊرايو ويو آهي جيڪو جمهوريت سان مذاق آهي اسان جي جدوجهد حقيقي عوامي نمائندن کي سندن حق ملڻ تائين جاري رهندي، چئن ڪلاڪن بعد لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ٻئي طرف ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ملير جي مختلف علائقن کان احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙ ڪارڪنن کي سسئي ٽول پلازه انتظاميه رڪاوٽون وجهي روڪي ڇڏيو. ان موقعي تي ڪارڪنن پاران نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو هڻي ڪراچي ٺٽو شاهراهه مڪمل بند ڪري ڇڏي جيڪا ٻن ڪلاڪن تائين بند رهي. ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران مختلف سياسي پارٽين پاران چونڊ نتيجن خلاف شهر جي مختلف علائقن ۾ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 27 فيبروري تي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، پرامن مزاحمت اسان جي ڪاميابي جو ثبوت هوندي، سڄي شهر کي قبضا مافيا کان آزاد ڪرائينداسين، ڪارڪن پرامن طريقي سان واپس وڃن. گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي سينيئر اڳواڻ صفدر عباسي چيو آهي ته اڄ جيڪو ٿيو اهو بدترين مثال آهي، مائرن ۽ ڀينرن سان ناروا سلوڪ ڪيو ويو ، جي يو آءِ جي قافلي تي حملو ڪيو ويو. صفدر عباسي چيو ته صلاح مشوري کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته اڱارو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو، 27 فيبروري تي سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ سردار عبدالرحيم مطالبو ڪيو ته اسان جي سمورن ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. واضح رهي ته مخالف ڌر جي پارٽين چونڊ نتيجن خلاف ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو. احتجاج ۾ جي ڊي اي، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جا ڪارڪن به موجود هئا. ٻئي پاسي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ ويهڻ وارا جعلي مينڊيٽ رکندڙ آهن. ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران مخالف ڌر پاران چونڊ نتيجن خلاف احتجاج ڪيو ويو . جي ڊي اي، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جا ڪارڪن موجود احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ پاڪستان قبضو ڪندڙن جو عوام سان ڪو به واسطو ناهي. هن چيو ته جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن سنڌ اسيمبليءَ ۾ حلف نه کنيو، فارم 47 جي بنياد تي سمورو مينڊيٽ ضبط ڪيو ويو، (ن) ليگ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جو اتحاد جعلي آهي، پيپلزپارٽي جو محور آهي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته هو پرامن مظاهرا ڪندا ۽ چوراهن تي بيٺا هوندا، پنهنجو مينڊيٽ واپس وٺڻ لاءِ تحريڪ هلائيندا، توهان گولين ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلن سان ڪيترين ماڻهن کي روڪي سگهندا؟ هن چيو ته جعلي ماڻهن اسيمبلي مان حلف کنيو پر اصل اسيمبلي سڄي سنڌ ۾ ٿي رهي آهي، عوام جي مينڊيٽ کي مڃو ۽ جنهن کٽيو آهي انهن کي کٽڻ ڏيو . پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم جا اهي. دهشتگرد ڪٿان مسلط ٿيا؟ انهن دهشتگردن کي مسلط ڪري قوم کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهن؟