ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند جي صدارت هيٺ ڪراچي پوليس آفيس ۾ سيف سٽي پروجيڪٽ جي فيز ون بابت اجلاس ٿيو، ترجمان ڪراچي پوليس موجب اجلاس ۾ ڊي آءِ جي آصف اعجاز شيخ، ڊي آءِ جي ايڊمن ڪراچي رينج عمران يعقوب، ايس ايس پي علي رضا، ڊائريڪٽر آئي ٽي سي پي او تبسم عباسي، سي پي ايل سي چيف محمد زبير حبيب، اين آر ٽي سي برگيڊيئر گل حسن، برگيڊيئر شاهد موجود هئا، اجلاس ۾ ٻين ميمبرن/ اسٽيڪ هولڊرز جي شرڪت جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي سيف سٽي پروجيڪٽ جي فيز ون جي خريداري جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته پهرين مرحلي ۾ 23 سمارٽ گاڏين، 1300 فيشل ريڪگنيشن ڪيمرائن سان گڏ سيف سٽي پروجيڪٽ جي ڪنٽرول روم جي عمارت پڻ مڪمل ڪئي ويندي.
-
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جي چوڌري شجاعت حسين سان ملاقات
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي سينيئر سياستدان چوڌري شجاعت حسين سان لاهور ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ، ان کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي ڳالھ ٻولھه ڪئي وئي، اليڪشن کانپوءِ گڏيل سهڪار ۽ سهڪار جي اهميت ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون،ملاقات ۾ متحده قومي موومينٽ جو سينيئر اڳواڻ سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار به شريڪ هو.
-
سنڌ جي اسڪولن ۾ عام موڪل جو اعلان
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ ۾ 26 فيبروري تي اسڪولن جي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو، سڄي ملڪ ۾ ڀلاري رات شب برات آچر جي رات ملهائي ويندي، مسجدن ۾ خاص محفلون ٿينديون ۽ الله جا ٻانها توبهه تائب ڪندا، ان سان گڏوگڏ بخشش، ايمان ۽ سلامتي، رزق جي ڪشادگي سميت ملڪ جي سلامتي لاءِ دعائون گهريون وينديون، شب برات کي ڏسندي سنڌ ۾ سومر 26 فيبروري تي اسڪولن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سومر تي سڄي صوبي ۾ سرڪاري ۽ نجي اسڪول بند رهندا.