ڪراچي (ع آ نيوز) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي سڀني صوبن ۽ وفاق کان بهتر هوندي. سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ جي پارلياماني پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل تعليمي ادارا ٻيهر ٺاهينداسين، ڪرپشن روڪڻ لاءِ تمام گهڻي سختي ڪرڻي پوندي، اسان کي عوام جي خدمت ڪرڻي آهي. هن چيو ته اسيمبلي ميمبرن جو ڪم قانون سازي آهي، زراعت ۽ پيئڻ جي پاڻي جا منصوبا ترجيح هجڻ گهرجي، اسان چاهيون ٿا ته پنهنجي حصي جو پاڻي ملي، وفاق سان ڳالهائينداسين. بلاول ڀٽو زرداري اسيمبلي ميمبرن کي چيو اميد ته توهان سچائي سان رات ڏينهن ڪم ڪندئو، اهڙي غلطي نه ڪجو جنهن سان منهنجي پارٽي کي نقصان ٿئي، وسيلا گهٽ آهن، يقيني بڻائڻو آهي ته انهن جو درست استعمال ٿئي ۽ ڪرپشن نه ٿئي، اپوزيشن جماعتن کي رابطي ۾ رکڻو آهي.
ڪراچي(رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ وڏي وزير لاءِ مراد علي شاهه، اسپيڪر لاءِ سيد اويس شاهه ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نويد انٿوني کي نامزد ڪندي چيو آهي ته پ پ سنڌ ۾ اسيمبلي اندر توڙي ٻاهر سمورين مخالف ڌر جي پارٽين سان ورڪنگ رليشن شپ ٺاهيندي، سندن جائز شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو، بلاول هائوس ميڊيا سيل جي جاري ڪيل بيان موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي چيو ته تاريخ تمام وڏي ذميواري اسان جي ڪلهي تي رکي آهي، حڪومت ۾ هجون يا مخالف ڌر ۾ هجون پراڻي سياست کي ڇڏڻو پوندو. هن چيو ته چونڊون مشڪل هيون پر پ پ اميدوارن سازشن جو مقابلو ڪيو، سنڌ جي عوام جون اميدون پ پ مان آهن، ان ڪري ايندڙ سنڌ حڪومت ڪارڪردگي جي لحاظ کان اڳوڻو رڪارڊ ٽوڙي نئون سنگ ميل قائم ڪندي، هن چيو ته پ پ جو مقابلو صرف ٻين صوبن جي حڪومتن سان ناهي پر ڪارڪرگي ۾ وفاق سان به مقابلو هوندو، هن چيو ته نويد انٿوني کي سنڌ اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر نامزد ڪري پ پ وري تاريخ جوڙي آهي، اويس شاهه نوجوان آهي، هو آغا سراج دراني جي رهنمائي سان بهتر انداز ۾ اسيمبلي هلائيندو، هن چيو ته ٻيون پارٽيون ٻوڏ متاثرن کي وساري ويٺيون آهن، پر اهي اسان کي ياد آهن، اسان وفاقي ڪابينا ۾ وزارت نه گهري آهي، اسان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ وفاق جو ڪردار گهريو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن کي سندن حق ڏيارڻو آهي،کين سندن گهر ٺاهي ڏينداسين، هن چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 50 سيڪڙو اسڪول به تباهه ٿي ويا هئا، نئين حڪومت اسڪولن کي ترجيحي بنيادن تي ٺاهيندي، تعليمي نصاب کي به جديد دور کي نظر ۾ رکي ٺاهينداسين، صحت جي شعبي ۾ پنهنجي شاندار ڪارڪردگي واري پاليسي برقرار رکندي.