سنڌ اسيمبلي ٻاهران احتجاجي مظاهرن تي بندش

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، جي ڊي اي جي احتجاج جي خدشي سبب ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو  آهي، جنهن تحت سنڌ اسيمبلي ۾ ڪنهن به قسم جي جلوس ۽ احتجاج تي پابندي آهي. ان سلسلي ۾ گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي اندر ۽ ان جي چوڌاري سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. گهرو وزير چيو ته ڪنهن به قسم جي بدانتظامي ۽ غير قانوني ڪم ڪرڻ وارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.امن امان برقرار رکڻ ۾ عوام، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.