ڪنڌڪوٽ، ايس ايڇ او ڪشمور ۽ ٻين مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ)ڪنڌڪوٽ جي عدالت ايس ايڇ او ڪشمور ۽ ٻين مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو خبر موجب ڪشمور ۾ پوليس پاران گهران کنڀي گم ڪيل نوجوان شير علي ڀٽي سندس 2 پٽ سمير علي ۽ جاويد علي مٿان تشدد ۽ کنڀي گم ڪرڻ وارو معاملو ڪنڌڪوٽ جي عدالت ۾ پهچي ويو.انچارج سيشن جج محمد سليمان ٻرڙو ايس ايڇ او ڪشمور نور الدين کهارو، وڏو منشي اسد سولنگي،جمعدار عطا محمد ٿهيم، عنايت ميراڻي،پوليس اهلڪار حاجي چاچڙ،منٺار علي، پرائيويٽ گن مين قمرالدين ڀٽي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، انچارج سيشن جج تشدد جو شڪار ٿيل نوجوان کي ميڊيڪل ڪرائڻ جو پڻ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ ڀٽي محلا ڪشمور مان پوليس گهر اندر گهڙي نوجوان شير علي ڀٽي سميت 2 معصوم ٻارڙن کي کنڀي مسوموڙ چوڪي تي رکيو هو جتان ريڊ ڪمنشنر ناصر سومرو ڇاپو هڻي آزاد ڪرايا هئا، متاثر شخص شير علي ڀٽي جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او ڪشمور بااثر جي چرچ تي مون کي ۽ منهنجي پٽن کي کنڀي گم ڪيو ۽ مون مٿان سخت تشدد ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.