معاشي اڻ برابري کي ختم ڪرڻ جي گهرج

تحرير؛ "راز"علي گل ڀٽو

دنيا۾عمومي طور تي ٻن قسمن جا معاشرا ٿين ٿا۔ھڪ سڌريل معاشرو ۽ ٻيو بگڙيل معاشروھوندو آھي۔معاشي ۽ سماجي انصاف تي ٻڌل قانون سڌريل معاشرن کي جنم ڏيندا آھن۔جڏھن ته سماجي۽ معاشي طورتي ناانصافيءَ وارا بگڙيل معاشرا ٿين ٿا۔اسان جنھن معاشري ۾رھون ٿا اھو بلڪل بگڙيل ۽بي ظابطا معاشروآھي۔ جنھن جي ڪاڪل سڌي ناھي۔معاشرتي ۽ معاشي قانون ته موجود آھن پر انھن تي عمل جو درجو ٻڙي آھي۔اسان جي معاشري جواصل بگاڙ اڻ برابري کان شروع ٿي ڪري بي ترتيبيءَ تي ختم ٿئي ٿو۔ معاشي عدم مساوات مڙني اخلاقي۽سماجي ڏوھن کي جنم ڏئي ٿي۔ڇو ته ھن دنيا جي گولي تي ھرمسئلي ۽ ڦڏي فساد جو بنياد معاشي اڻ برابري آھي۔ مقاميءَ کان وٺي حڪومتي سطح تائين ھرمسئلي جوبنيادمعاشي وسيلن جي غلط ورڇ ۽ معاشرتي۽ سماجي طور انسانن ۾اڻ برابريءَ وارو احساس ڏياري ۽ محسوس ڪرائي ٿو۔ دنيا ۾ھر انسان پنھنجا معاشي ۽ انساني حق کڻي جنم وٺي ٿو۔ مٿان وري جڏھن ذھني بلوغت کي پھچي آسپاس جي تقسيم ٿيل معاشري کي ڏسي عدم تحفظ جوشڪار ٿي وڃي ٿو۔جنھن تقسيم سبب انساني وجودن۾ٽڪراءُ شروع ٿئي ٿو۔اھوٽڪراءُ وري ڦڏي فساد نفرت ۽ جھيڙن جوباعث بڻجي ٿو۔جن مسئلن جي ڪري معاشرو ترقيءَ بدران تنزليءَ ڏانھن سفر شروع ڪري ٿو۔انساني رشتا معاشي۽ معاشرتي احساسن۾ورھائجي وڃن ٿا۔انسان جي قدروقيمت انسان طورڪرڻ ۽ ٿيڻ بدران  ان جوقدر جسماني بيھڪ جنسي ڀانت رشتي جي ويجھڙائي کي ڏسي ڪيو وڃي ٿو۔ جيڪو رويوگھرکان وٺي پاڙي محلي شھر ڳوٺ کان وٺي ملڪ سطح تائين روا رکيو وڃي ٿو۔معاشي حيثيت ئي انسان جي معاشري ۾عزت يابي عزتيءَ جومقام جوڙي ٿي۔گھر ۾ڪمائيندڙ کي نڪمي تي پٽ کي ڌيءَ تي ڀوري کي ڪاري تي سھڻي کي ڪوجھي تي ترجيح ڏني وڃي ٿي۔جنھن ڪري گھرمان ئي اسريل احساس محرومي درجي بدر جي ترقي ڪندو ملڪي معاشري تائين وڌي وڻ ٿئي ٿو۔ان حد تائين پڪو پيٺوٿيل انسان معاشري لاءِ  لاڀائتوگھٽ نقصانڪار وڌيڪ ٿيندوآھي۔

معاشي اڻ برابري انسان۾ھرقسم جوعدم تحفظ ۽ احساس محرومي پيدا ڪرڻ سان جيڪي خودرو فيصلن واراقدم کڻائيندي ان جو اثر اڳتي ھلي قومي ڪروڌ ۽ ويڙھاند ڏانھن وٺي ويندو۔شھري سھوليتن جي غلط ورڇ تعليم۽ صحت جون ھڪجھڙيون سھوليتون نه ھجڻ به ماڻھن ۾ اوپرائپ ۽ دوريءَ وارو درد پيدا ڪنديون آھن۔ھڪ ماڻھو ۽ ٻئي ماڻھو درميان جڏھن رتبن ۽ سلوڪ جي وڇوٽ پيدا ٿيندي ته سھپ جون حدون اورانگھجي وينديون۔روزگار واري کي بي روزگارتي وڏيري کي ننڍيري تي پڙھيل کي اڻ پڙھيل تي مرشد کي مريد تي زميندارکي ھاريءَ تي ڪارخانيدار کي مزدورتي صاحب کي ملازم تي امير کي غريب تي صحت مند کي بيمارتي انساني۽اخلاقي  بنيادن تي عزت ملڻ بدران  معاشي۽معاشرتي رتبن جي ڪري مان مرتبو ملي ٿوته اھڙا رويا انسانن درميان محبت پيدا ڪرڻ بدران  نفرت۽دوريءَ جو سبب بڻباآھن۔جنھن سان انسانيت جوٻوٽوگل ڏيڻ بدران  نفرت جا ڪنڊا ڏيندوآھي۔اھي ڪنڊاوري معاشري جي روح کي راحت بدران ان کي زخمي ڪندا آھن۔انھن زخمن جو ھر ايذاءُ وري ڪنھن ٻئي روح کي زخم ڏيڻ جوسبب بڻبوآھي۔ڪنھن کي ھيٺ ويھاري ڪنھن کي مٿي ويھارڻ ڪنھن کي کلي کيڪارڻ ڪنھن سان سخت لھجواختيارڪرڻ ڪنھن ڳلي ملڻ ڪنھن کي دڙڪوڏيڻ پڻ انساني ويڇن  جي ورڇ جوڪارڻ بڻجن ٿا۔ھرانسان ٻئي جي روين کان متاثرٿئي ٿو۔

ممڪن حد  تائين معاشي۽ معاشرتي اڻ برابري ختم ياگھٽ ڪرڻ لاءِ  ڪوشش ئي نه ڪئي وئي آھي۔جيڪي ادارا معاشي۽معاشرتي حالتن سڌارڻ لاءِ  قائم ڪياوياآھن۔اھي رڳو ڏيکاهه جا ڏيهھ ڏيکارڻ لاءِ آھن۔جن جو عملي ڪم سان ڪوبه واسطوناھي۔اھي ادارا رڳوڪرسي ماڻڻ ۽مال ڪمائڻ جي مشين طور استعمال ڪيا وڃن ٿا۔ماڻھن جي انفرادي ۽گروھي جبلت سڌارڻ ۽ ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ماھرن بدران  لڪير جا فقير ويھاريا وياآھن۔جيڪي خود پنھنجي طورتي معاشي۽ معاشرتي ڏيوالپڻي جوشڪارآھن۔ھڪ برائيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ  قائم ٿيندڙ ادارو وڌيڪ براين جوسبب بڻجي ٿو۔جنھن ڪري اصل مقصد لاحاصل رھي ٿووڃي۔ اسان جي ملڪي معاشري ۾ ڪتابن ۾ ھڪڙو قانون ھوندو آھي۽ عملي قائده قانون ٻيا آھن۔جن قائدن ۽ قانونن کي ڏاڍو مڙس ته ڪوريئڙي جي ڄار جيان ڇني ڇيھون ڇيھون ڪري وڃي ٿو۔ پر غريب ۽ مسڪين ان قانوني ڄار ۾ڦاسي پوي ٿو۔انصاف جي ادارن ۾به امتيازي سلوڪ سماجي سورن جوسبب بڻجيو پوي ٿو۔امير لاءِ  انصاف الڳ ته غريب لاءِ  قانون الڳ ٿئي ٿو۔جنھن ناانصافي ڪري پيدا ٿيندڙ احساس محرومي خود ڪشين ڌاڙن ڦرن۽قتل وغارت جي شڪل وٺي ٿي۔اھڙن روين۽واقعن وارو معاشروڪيئن سڌريل چوائي سگھي ٿو۔سڌريل ملڪن۾سڌارن جوسلسلو ھميشه جاري وساري رھي ٿو۔سڌارن سان گڏوگڏ انھن تي عمل به ايماندارانه طور ڪرايوويندوآھي۔جنھن سان انساني وسيلن جي اڻ برابري کي ختم نه به پرگھٽ ضرور ڪيوويندوآھي۔ھتي معاشي۽معاشرتي سڌارن جونالو۽فائدوبه انھن طبقن کي ڏنوويندوآھي۔جن تي انھن کي عمل ڪرڻو ھوندوآھي۔زرعي سھوليتن۽سڌارن جوفائدوبه ھاريءَ بدران  زميندار کي پوندوآھي۔صنعتي سھوليتن۽سڌارن جو فائدو وري ھر حال۾مزدور بدران صنعت ڪار کيڏنو ويندوآھي۔جنھن سان معاشي۽ معاشرتي انساني فرق وڌندو ويندوآھي۔ھاري۽ مزدور ويچاري جوحال وري به اڳ جھڙو ھوندوآھي۔جنھن سان ڪروڌ ۾واڌارو وري وري ٿيندو رھي ٿو۔

اسان جي ملڪ ۽ معاشري ۾قانوني زرعي تعليمي ۽صنعتي سڌارن جي اشھد ضرورت آھي۔جيئن معاشي۽معاشرتي اڻ برابريءَ کي گھٽائي سگھجي۔اھي به ته ملڪ۽انساني معاشره آھن۔جن صديون اڳ اھي سڌارا آڻي انساني محرومين جوگھڻي قدر خاتموڪيوآھي۔

اسان مني صديءَ۾پنھنجن پراڻن مالڪن کان ورثي۾مليل قانونن تي ھلي رھيا آھيون۔جڏھن ته دنياجون حالتون بدلجي چڪيون آھن۽اسان جون حالتون بدلاءِ جون متقاضي آھن۔جيسيتائين اسان جي ملڪ۾مٿيان سڌارا نه ايندا۽انھن تي سختيءَ سان عمل نه ٿيندوتيسين اسان جو معاشرو ڀڃ ڊاهه جوشڪاررھندو۔جيڪومعاشرو ڀڃ ڊاهه جي عمل مان گذرندواھوڪڏھن به ترقيءَ جي منزل نه ماڻيندو۔اسان جي تعليمي سرشتي کي سڌارن جي اوليت جي بنيادن تي ضرورت آھي۔ اسان جن سڌارن جومٿي ذڪر ڪري آيا آھيون انھن تي عمل ڪرڻ سان ئي ملڪ کي فلاحي رياست بڻائي سگھجي ٿو۔انھن سڌارن جي ڪري معاشي۽معاشرتي  اڻ برابريءَ کي گھڻي حد تائين ختم ڪري مثالي معاشروقائم ڪري سگھجي ٿو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.