سڀني سياسي جماعتن کي جمهوري ۽ پارلياماني نظام جي مضبوطي جي پارت ڪجي ٿي

سال 2024ع جي چونڊن جي نتيجي ۾ هاڻي وفاقي توڙي صوبائي حڪومت جڙڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. ڪالهه پنجاب اسيمبلي ۾ چونڊيل ايم پي ايز حلف کنيو ۽ اڄ سنڌ ۾ چونڊيل نمائندا قسم کڻندا. ايئن بلوچستان ۽  خيبرپختونخواهه جي اسيمبيلن ۾ به رونقون بحال ٿيڻ واريون آهن جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 28 فيبروري تي گهرائڻ لاءِ صدر عارف علوي ڏانهن سمري موڪلي وئي آهي آئين تحت قومي اسيمبلي جو پهريون اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائڻ لازمي آهي.

هن سال واري چونڊ توڙي چونڊ نتيجن غير يقيني ۽ تڪراري صورتحال کي ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ غير يقيني ۽ تڪراري بڻائي ڏيکاريو آهي. جنهن کي ڪنهن ريت به صحتمند عمل نٿو چئي سگهجي. پهريون ته آئين ۽ قانون موجب مقرر وقت تي چونڊون نه ٿي سگهيون آدمشماري جي صورت ۾ نئين تڪبندين جي اوٽ ۾ چونڊن کي اڳتي ڪيو ويو. ان معاملي ۾ عدالتن جي حڪمن ۽ صدر مملڪت جي هدايت کي به پٺي ڏني وئي. هڪڙن سياسي مفاد ماڻڻ لاٰ چونڊن کي دير سان ڪرايو ويو ۽ جڏهن اهي سياسي مفاد يقيني سمجهيا ويا. تڏهن 8 فيبروري 2024ع تي باضابطا طور تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو پر پوءِ به آخري ٻن ڏينهن تائين چونڊون ٿيڻ بابت يقين سان ڪجهه نه پيو چئي سگهجي. ڪن سياسدانن خراب معاشي صوتحال، اترين علائقن ۾ ٿيل برف باري ۽ دهشت گردي جي واقعن کي  بنياد بڻائي چونڊون نه ڪرائڻ جا مطالبا ڪرڻ شروع ڪيا. وري انهن ئي ڏينهن ۾ ايران طرفان بلوچستان ۾ ميزائل جو حملو ڪيو ويو ته چونڊن نه ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو هو. پاڪستان به جڏهن جوابي حملو ڪيو ته پوءِ جنگي صورتحال پيدا ٿي وئي هئي. پر شڪر جو انهن سڀني معاملن باوجود 8 فيبروري تي چونڊون ٿي ويون.

چونڊ جا نتيجا ظاهر ٿيا ته اهي به دلجاءِ جهڙا نه هيا. وفاق ۾ ڪابه جماعت اڪثريت کڻي نه آئي. ان صورتحال معاملي کي وري منجهائي ڇڏيو.ان صورتحال ۾ ملڪي اقتداري جماعتن کي ڪس ڪسر کائڻ واري امتحان مان گذرڻو هو. بظاهر ايئن پيو لڳي ته ڪا به جماعت وفاق ۾ حڪومت ٺاهي نه سگهندي جنهن نتيجي ۾ يا وري نيون چونڊن ڪرائڻيون پونديون يا عارضي طور تي ايمرجنسي يا مارشل لا لڳائي ٻيو ڪو سيٽ اپ آندو ويندو.

هاڻي سوال هو پارليامينٽ کي بچائڻ جو، عوام جي ووٽن کي حڪومت شڪل ڏيڻ جو جيڪو سڀني جي جي مفاد ۾ هو. هاڻي ڏسڻو اهو هو ته ڪهڙي جماعت کي ڪس ڪسر کائي، ڪير ٿي پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري سوچي ۽ ڪهڙي جماعت ڪنهن ٻي جماعت سان ٺاهي ڪري پارلياماني نظام کي بحال ڪري ٿي. اسان کي اهو ڏسي سرهائي محسوس ٿي رهي آهي ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) ميثاق جمهوريت واري روح تحت ملڪ جي جمهوري نظام کي بچائڻ لاءِ مک ڪردار ادا ڪيو ۽ تاريخ ۾ پاڻ کي سرخرو ڪيو. پ پ ۽ مسلم ليگ(ن) ان کان اڳ پي ڊي ايم واري به گڏيل حڪومت ڪرڻ جو تجربو ڪري چڪيون آهن ۽ گهڻو وقت حڪومتن ۾ رهڻ ڪري انهن مٿان حقيقي معنيٰ ۾ ذميواريون به ٻين جماعتن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سرس هيون پر سٺي ڳالهه آهي ته انهن ٻن وفاقي جماعتن وڏي دل جو مظاهرو ڪري جمهوري ماحول ٺاهڻ جي اڳڀرائي ڪئي آهي. اهڙو موقعو پي ٽي آءِ جي قيادت کي به هيو ته اها ماضي جي تجربن مان ڪجهه سکي ميچوئر ياست جو مظاهرو ڪندي پر افسوس ته ان ايئن نه ڪيو ۽ پنهنجي روايتي غير جمهوري روايت تي قائم رهي.  مسلم ليگ (ن) يا پ پ مان ڪهن سان به اتحاد نه ڪيو.

رپورٽون ته آهي به آهن ته هاڻي به ان جماعت آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ ان کي ڌمڪي ڏني ويندي ته نئين ڌانڌلي سان آيل حڪومت کي اها فنڊ نه ڏئي ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جي جماعت هن حڪومت کي هلڻ نه ڏيندي سو اجايو جو آءِ ايم ايف جي پئسا ضايع ٿين تنهن ڪري اها حڪومت کي فنڊ نه ڏئي.

اهو رويو انتهائي افسوس جوڳو آهي. آءِ ايم ايف جي فنڊ جي حڪومت کي نه پر ملڪ کي ضرورت آهي. ٻي صورت ۾ ملڪ ڏيوالي جو به شڪار ٿي سگهي ٿو. ان ڪري اهڙي سياست نه ڪرڻ گهرجي جو ڪا جماعت ڪنهن به طرح چونڊ نه کٽي ته اها نه حڪومت کي هلڻ ڏي نه ئي ملڪ کي. اهڙي غير ذميواري جو مظاهرو جماعت اسلامي، جي يو آءِ ۽  جي ڊي اي به ڪري رهيون آهن ۽ اهي وري ڌانڌلين جي اوٽ ۾ نئين حڪومت جي رستا روڪ ڪرڻ جو ارادو رکن ٿيون. ڪالهه به جي ڊي اي اعلان ڪيو آهي ته اها سنڌ اسيمبلي جي آڏو چونڊيل نمائندن جي قسم کڻڻ جي موقعي تي احتجاج ڪندي.

اسان ڪجهه ڏينهن اڳ ”هاڻي نئين سياست ڪرڻ سکو“ جي سري هيٺ هڪ ايڊيٽوريل لکيو هو. هي ايڊيٽوريل به ان سلسلي جو تسلسل ئي آهي. اسان جو خيال آهي ته جيئن پ پ، مسلم ليگ (ن) ۽ ايم ڪيو ايم پاڻ ۾ اتحاد ڪيو آهي. تيئن مخالف جماعتن جي به ذميواري آهي ته اهي ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ خاص ڪري معاشي صورتحال  کي ڏسندي سڀ اختلاف وساري حڪومت جو ساٿ ڏين ۽ عوام جي نظرن ۾ پاڻ کي سرخرو ڪن. اهو تاثر هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ رڳو حڪومت جو ڪم آهي، مخالف ڌر جو ڪم رڳو احتجاج ڪرڻ ، ڌرڻا ڏيڻ ۽ اسيمبلين مان واڪ آئوٽ ڪرڻ آهي. اسان جو خيال آهي ته مخالف ڌر حڪومت وارو ڪم ڪري سگهي ٿي ان عوام سان جيڪي وچن ڪيا، جيڪو منشور ڏنو تنهن تي اها هاڻي به عمل ڪرائي سگهي ٿي يعني حڪومت سان ڳالهيون ڪري ان ذريعي پنهنجن ووٽرن جا مسئلا حل ڪرائي سگهي ٿي. ملڪ کي ان نئين سياست جي ضرورت آهي. آصف زرداريءَ ته شروع ۾ ئي سڀني جماعتن کي حڪومت ۾ اچڻ جي دعوت ڏني هئي سو وقت جي به اها ئي گهرج آهي ته سياسي اختلافن ۽ پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي سوچجي.

هاڻي هر جماعت جو فرض آهي ته اهي پارلياماني نظام کي هلڻ ڏين. هاڻي ئي اهي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اهو ماحول ٺاهيو پيو وڃي ته هيءَ حڪومت ڇهه مهينا به نه هلي سگهندي. اهڙو ماحول  پيدا ڪرڻ به جمهوريت سان دشمني آهي.  ان ياست کي اسان رد ڪريون ٿا ۽ سمجهون ٿا ته سڀني جماعتن جو فرض آهي ته اهي حڪومت کي ڪامياب ڪن ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرائين. آخر ڪيستائين سياسي جماعتون هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ ملڪ ۽عوام جو نقصان ڪنديون رهنديون. تنهن ڪري سڀني جماعتن کي جمهوري ۽ پارلياماني نظام جي مضبوطي جي پارت ڪجي ٿي. احتجاجن ڌرڻن ۽ بائيڪاٽن جي سياست کي ٻنجو ڏيڻ جي گذارش ڪجي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.