اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو ڀرسان ٽول پلازه ڀرسان اغوا ٿيل مسلم ڪالوني جي رھواسي صاحبزادو ڀٽي کي 20 ڏينهن گذرڻ باوجود اوٻاوڙو پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي ڏوھارين پاران وارثن کان 40 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، معصوم صاحبزادو ڀٽي جي آزادي لاءِ ۽ اوٻاوڙو پوليس خلاف ڀٽي برادري جي سوين ماڻهن، شهرين ۽ مغوي جي وارثن سڄي شھر جو گشت ڪرڻ بعد شھر جي مين چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو، شھر طرف ايندڙ ويندڙ گاڏين باءِ پاس جو رخ اختيار ڪيو، مغوي جي ڀاءُ محمد شهبان ڀٽي وڪيل قادر بخش ڀٽي، محمد موسوملڪ ممتاز مارفاڻي ۽ مولانا امام الدين قبول احمد ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 20 ڏينهن اڳ ٽول پلازه تان هٿيار بند معصوم صاحب زادو ڀٽي کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا، فون ڪال ذريعي ڌاڙيلن 40 لک رپيا ڀنگ گهريا آهن، ڀنگ نه ڏنيڻ جي صورت ۾ معصوم مغوي کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، بدامني چوٽ چڙهيل آهي، مغوي کي آزاد ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.