قانون تي عمل ڪرائڻ هر اداري جي ذميواري آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالرحمن تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ 43سالن کان سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول جي اڏاوتن، مسماري،ٽائون پالاننگ جا رولز نه هجڻ جو ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس صلاح الدين پنهور پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته قانون تي عمل ڪرائڻ هر اداري جي ذميواري آهي، ايڊووڪيٽ طارق منصور چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول آرڊيننس جي سيڪشن 21 تحت ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن ضلعن لاءِ عمارت سازي جا ضابطا اڄ تائين نه ٺهي سگهيا آهن، ڊيموليشن ڊسپوزل ۽ ٽائون پلاننگ جا قانون اڄ تائين نه ٺهيا آهن، طارق منصور ايڊووڪيٽ چيو ته سنڌ جي باقي 25 ضلعن کي سنڌ بلڊنگ عبوري ريگيوليشن 2018 تحت هلايا پيا وڃن.جنهن سبب سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول آرڊيننس 1979 تي عملدرآمد ممڪن نه ٿي سگهيو، شهرن ۾ اڏاوتون قانون جي ابتڙ ٿي رهيون آهن، عدالت سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ هائوسنگ اينڊ ٽائون پلاننگ کي 11 مارچ تي طلب ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.