سنڌ هاءِ ڪورٽ جو گم ٿيل شهرين جي آزادي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ گم ٿيل ماڻهن جي آزادي = بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته شهرين جي آزادي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته شهرين جي آزادي لاءِ سڄي ملڪ جي ايجنسين کي خط لکيا ويا آهن، سندن جواب جو انتظار آهي، شهرين جي آزادي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون، عدالت شهرين جي آزادي لاءِ جي آءِ ٽي ۽ پي ٽي ايف سيشن ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت بدين مان گم ٿيل شهري فيضان علي ۽ شريف آباد مان گم ٿيل شهري ارسلان الدين جي آزادي لاءِ جاچ آفيسرن کي ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،.عدالت درخواستن جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.