سپريم ڪورٽ اسلامي صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي

اسلام آباد( مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سپريم ڪورٽ  ملڪ ۾ اسلامي صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي،درخواست جي  ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته اسان به اسلامي نظام چاهيون ٿا، پاڪستان ۾ پارلياماني  نظام رائج آهي،چيف جسٽس درخواست گذار کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پاڪستان جو آئين پڙهو،آئين جي ڪتاب جو رنگ به سائو آهي،ملڪ جي آئين ۾ الله جي نظام جو ذڪر آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندا وڌيڪ چيو ته آئين جي شروعات الله جي ذڪر سان ٿئي ٿي،قرآن پاڪ  جو آئين ۾ ذڪر آهي، آرٽيڪل 227 تحت ڪوبه قانون قرآن ۽ سنت جي خلاف نٿو ٺهي سگهي،چيف جسٽس درخواست گذار کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا توهان کي هنن ڳالهين سان اختلاف آهي؟، توهان صدر بنجڻ چاهيو ٿا؟،توهان ڇو سمورا اختيار هڪ شخص کي ڏيڻ گهرو ٿا،توهان آئين پڙهو،پوءِ نئين درخواست داخل ڪجو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.