نواز مائنس، مريم محدود ٿيڻ سان پارٽي بھ دفن ٿي وئي: شاڪر سولنگي

اسلام آباد( م ڊ)  اسٽيبلشمينٽ نوازشريف کي نھ رڳو مائنس ڪري ڇڏيو  بلڪھ سندس پارٽي کي بھ زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو.حڪومت سنڀاليندڙ مسلم ليگ (ن) نھ پر مسلم ليگ (ش) آھي.نھ رڳو ايترو پر مريم نواز کي بھ رڳو ھڪ صوبي تائين محدود ڪيو ويو آھي.اينٽي اسٽيبلشمينٽ بيانيئي کي ڇڏڻ بعد مسلم ليگ ن جي مقبول ڪري وئي آھي.ھاڻوڪي  حڪومت ڏئي مسلم ليگ تي اسٽيبلشمنيٽ ٿورو جتايو آھي.اھا ڳالھھ سينئر صحافي شاڪر سولنگي پنھنجي وي لاگ ۾ ڄاڻائي آھي.ھن جو چوڻ آھي تھ چونڊن کان اڳ ۽ پوءِ جي سامھون آيل حقيقت مان اھا ڳالھھ ثابت ٿي وئي آھي.شاڪر سولنگي موجب ظاھري طور تي حڪومت جي وزارت اعظميٰ جو عھدو مسلم ليگ ن جي صدر شھبازشريف کي ڏنو ويو آھي،پر ان حڪومت جوڙڻ واري اعلان وقت دنيا نوٽ ڪيو تھ نوازشريف ۽ مريم نواز غيرحاضر ھئا. نوازشريف مري ۾ موجود آھي جيڪو ھتان کان اڌ مني ڪلاڪ جو سفر آھي.ھي پھريون ڀيرو آھي جو حڪومت سازي وقت نوازشريف موجود نھ ھجي.ھو نھ رڳو حڪومت جڙڻ واري ان اعلان ۾ نھ ھو پر نوازشريف حڪومت واري سموري عمل ۾ شامل نھ ھو.جيتوڻيڪ چونڊن کان اڳ نوازشريف ملڪ کي پاڻڀري ڪرڻ لاءِ معاشي ماھرن سان مشورا ۽ رٿابندي ڪري رھيو ھو.پر چونڊ نتيجن ۾ سادي اڪثريت نھ ملڻ بعد ھن جي سموري دلچسپيءَ ختم ٿي وئي.جنھن بعد ھن شھبازشريف کي اڳيان ڪندي چئي ڇڏيو تھ ھو وڃي اسٽيبلشمينٽ جو وزيراعظم بڻجي،مريم نواز کي پنجاب جو وڏي وزير ڪيو وڃي.ميان نوازشريف لاءِ ماحول اھڙو پئدا ڪيو ويو جو وزيراعظم بڻجڻ وارو خواب چڪنا چور ٿي ويو.ان دوران ھن کي نھ رڳو مذاڪرات کان ٻاھر رکيو ويو، حڪومت سازي کان ٻاھر رکيو ويو.ھن جي ٻنھي تڪن، اين اي 15 مانسھرھ ۽ اين اي 130 لاھور مان ظاھري طور ھو سوڀارو ٿيو آھي پر کيس ھارايو ويو ۽ پوءَ ٿورو ڪري کٽرايو ويو.جنھن مان اھو چئي سگھجي ٿو تھ ادارن ۾ ڪجھ اھڙا ماڻھون ضرور آھن جن سموري مسلم ليگ کي ڪٽ پتلي بڻائي ڇڏيو.اينٽي اسٽيبلشمينٽ بيانيئي تان ھٿ کڻائي ڇڏيو،بيانيئو بھ ويو تھ سيٽون بھ ويون.ھن کي ھارايو ويو ۽ پوءِ کٽرايو ويو، يعني ھو ھارايل بھ آھي ۽ کٽيل بھ آھي يا وري ٻين لفظن ۾ ھو نھ کٽيل آھي نھ ئي ھارايل آھي.اھڙي طرح جو ماحول جوڙي ڏنو ويو. ساڳئي وقت اھو بھ احساس ڏياريو ويو تھ چونڊن ۾ مسلم ليگ ن جو حال برو ٿي ويو آھي، جنھن بعد انھن تي ٿورو ڪندي آزاد ميمبر،ايم ڪيو ايم،مسلم ليگ ق ڏئي ڪري، حڪومت جوڙائي ڏني پئي وڃي.ھن کي اھو احساس ڏياريو ويو تھ نھ مسلم ليگ ن جي ڪا مقبوليت آھي نھ ئي وري نوازشريف جي ڪا مقبوليت آھي.نوازشريف جي اچڻ تي ھن جا رڳو ڪيس ختم ڪري، سندس نااھلي کي ختم ڪيو ويو.ان کان اڳ جڏھن کيس سھڻا خواب ڏيکاري آندو ويو، ايئر پورٽ تي جنھن نموني جو پروٽوڪول ڏنو ويو ھو.ان سان اليڪشن واري ڏينھن تائين ميان نوازشريف کي ايترو مٿي کنيو ويو ھو جو اوور ڪانفيڊنس جو شڪار ٿي ويو، ان ڪري ھنن چونڊ مھم نھ ھلائڻ بدران رڳو ان جي رسم پوري ڪئي.ان ڪري نوازشريف کي ايتري پڪ ڏياري وئي تھ حڪومت کين ملي رھي آھي، ان طرح ھنن حڪومت جا عھدا بھ ورھائي ڇڏيا  ھئا ۽ سموري پلان جوڙي ورتو ھو، ايتري حد تائين جو نوازشريف جي ڌر حڪمرانن جھڙو رويو اختيار ڪري رھيا ھئا. اشتھار ڏياريا ويا ھئا تھ ”قوم فيصلو ڏئي ڇڏيو ،وزيراعظم نوازشريف“ .پر خبر ناھي تھ ھن کي ڪٿان ”ِھٽ“ ڪيو ويو.سادي اڪثريت تھ نھ ملي پر نوازشريف،مريم نواز،خواجا آصف،عطاتارڙ،پنڊي،اسلام آباد مان ٻھارو ڦري ويو.اسلام آباد جي تڪن جو نوٽفيڪشن روڪيو ويو. پنڊي جي ڪمشنر موجب 13 تڪ نواز ليگ ھارايا پئي پر کٽرايا ويا آھن.شاڪر سولنگي موجب نھ رڳو نوازشريف ۽ مريم نواز پر پارٽي ۾ سندن گروپ سان اھا حالت ڪئي وئي آھي.حڪومت سازي واري اعلان ۾ مريم نواز بھ نھ ھئي،جنھن سان ھن کي اھو پيغام ڏنو ويو تھ چاھي ھو پارٽي جي سنئر نائب صدر ھجي پر  ھن جو ڪردار محدود آھي.اھا قومي ليڊر ناھي،جنھن ڪري مٿين سطح جا فيصلا شھبازشريف ڪندو.جيڪو اسٽيبلشمنيٽ جي ڪٽ پتلي سمجھيو وڃي ٿو. ان سان ئي اھو فيصلو ٿي ويو تھ نوازشريف مائنس آھي،مريم نواز جو ڪردار محدود آھي،باقي معاملا شھبازشريف جي ھٿ ۾ ھوندا.جنھن مان ھاڻي ھو بھ پڌرو ٿي ويو تھ اڻٿيڻي ٿي وئي ۽ مسلم ليگ (ن) مان ھڪ ٻي پارٽي مسلم ليگ (ش) کي ڄڻايو ويو آھي.جنھن جو رڳو رسمي اعلان باقي رھيل آھي. نواز شريف ۽ مريم نواز گروپ جا نالي ماتر ماڻھون حڪومت ۾ شامل ڪيا ويا آھن پر ھاڻي ھا ھڪ نھ پر ٻھ پارٽيون آھن.ان ڪري جو عملي طور تي نوازشريف ۽ مريم نواز ڪنھن بھ سرگرمي ۾ شامل نھ آھن. ھاڻي تھ اسٽيبلشمنيٽ بابت نوازشريف ڪو بيان نھ پيو ڏئي، اڳي تھ رڳو کيس نيڪالي ڏني وئي ھئي پر ھن ڀيري تھ انھن سموري پارٽي کي ئي دفن ڪري ڇڏيو آھي.ھنن کان نڪ رڳڙائي ڇڏيو آھي.ائين عملي طور تي نوازشريف مائنس ٿي ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.