190 ملين پائونڊ ڪيس: عمران خان ۽ بشري بي بي تي فرد جرم لاڳو نه ٿيو

لاهور( م ڊ) 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾عمران خان ۽ بشري بي بي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو آهي، راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشري بي بي  کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني عمران خان گهرواري بشري بي بي سان به ملاقات ڪئي، جيل ۾ ٻڌڻيءَ دوران عدالت باني پي ٽي آءِ جي بشريٰ بي بي سان ملاقات واري درخواست منظور ڪري ورتي، ٻڌڻي دوران عمران خان روسٽرم تي اچي چيو ته کيس ڏندن جو معائنو ڪرائڻو آهي، جنهن تي احتساب عدالت جي جج چيو ته جيل اندر ڊاڪٽر موجود آهي اوهان ڏندن جو معائنو ڪرائي وٺو، عمران خان ۽ بشري بي بي جي وڪيل ريفرنس جا نقل ڪاپي فراهم ڪرائڻ جي درخواست ڪئي، عدالت پاران 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ فرد جرم جي ڪارروائي لاءِ 27 فيبروري جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

  1. ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪارروائي، خطرناڪ ڏوهاري گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ پوليس ڪراچي جي سائيٽ ٽائون آفريدي ڪالوني مان اسٽريٽ ڪرائم ۽ ڦر جي وارداتن ۾ ملوث بشير احمد کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان سنڌ رينجرز موجب جوابدار شهرين کان ڦر جي واردات ڪري رهيو هو، علائقي ۾ گشت تي موجود رينجرز ۽ پوليس جي ٽيم بروقتڪاروائي ڪري جوابدار کي موقعي تان گرفتار ڪري ورتو. جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد، موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. شروعاتي جاچ دوران گرفتار جوابدار ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڦر، اسٽريٽ ڪرائم ۽ هٿياربندن جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي. جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار، بارود ۽ چوري جي سامان سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

  1. بشريٰ  بي بي غير شرعي نڪاح ڪيس جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد( مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ  بي بي غير شرعي نڪاح ڪيس جي فيصلي خلاف ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي،بشريٰ بي بي پنهنجن وڪيلن عثمان گِل،خالد يوسف ۽ سلمان صفدر  ذريعي اپيل داخل ڪرائي آهي ،بشري بي بي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سول جج جي عدالت جيڪو 2  فيبروري   تي فيصلو ٻڌايو آهي ، اها حقيقتن جي ابتڙ آهي ۽ 16 جنوري تي داخل ڪيل فرد جرم به غير قانوني آهي،سول عدالت ٽرائل درست طريقي سان نه هلايو، فيصلو ساڳئي برقرار رکيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.