شهيد هدايت لوهار جي قاتلن کي گرفتار ڪرائڻ تائين احتجاج جاري رکو

تحرير؛ تاج جويو

اڄ ستون ڏينھن آھي،ذھن مائوف آھي،اکين جي ننڍ غائب آھي.رھبر سنڌ سائين جي.ايم.سيد جي عاشق صادق،سائين عبدالواحد آريسر جي غريب ۽ سچي ساٿي شھيد ھدايت لوھار جو نصيرآباد باءِ پاس 16 فيبروري تي لڳل ڌرڻي ۾ ڏٺل معصوم چھرو، منھنجي نياڻين سسئي ۽ سورٺ جون غم جي ساگر ۾ ٻڏل اکيون ڊي ايس پي قمبر شھداد ڪوٽ ۽ ايس ايڇ او نصيرآباد آڏو سسئيءَ  جو بھادرانه بيان ۽ ان جي روشنيءَ  ۾ ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي پوليس جو ايف آءِ آر وارثن جي مرضي موجب درج ٿيڻ کان صاف انڪار وارا منظر ڏسڻ، سرويچ نياڻين جو بھادرانه موقف ٻڌڻ،سن جي مقدس مٽيءَ  ۾ شھيد ھدايت لوھار جي تدفين ۽ ان بعد نصيرآباد ۾ لاڳيتي ڌرڻي بعد پوليس پاران لاڳاتار ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار ثابت ڪري ٿو ته سائين ھدايت لوھار جا قاتل خفيه اھلڪار آھن، جيڪي سائين ھدايت جي ماضيءَ  ۾ کنڀڻ وارن واقعن جو ورجاءُ ايف آءِ آر ۾ داخل نه ٿا ڪن ۽ نه سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ ظاھر منھن کليل قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار آھن.

ان صورتحال ۾ سنڌ جو آئون باضمير پر ڪمزور اديب،پنھنجي نياڻين سورٺ ۽ سسئي سان پنھنجن ٻچن سميت گڏ بيھي ئي سگھان ٿو-نتيجا سنڌ جا قومي ڪارڪن ۽ ساڃاھ وند نياڻين سان گڏ بيھي ۽ سندن جدوجھد ۾ ساٿ ڏئي وٺي سگھن ٿا. اُھي سمورا ڏينھن مون کي ننڊ نه آئي آھي ۽ 21 فيبروري تي منھنجو ساٿي سھڻو شاعر سائينداد ساند اسان کان وڇڙي ويو آھي ۽ آئون روئندڙ نياڻن سان اُن جي تدفين ۾ مٺي، متاري ساند ڳوٺ ويس، دوست جو ديدار ڪيم ۽ سندس ڪلھي ڪانڌي ٿيس،بعد ۾ رات جو ئي واپس حيدرآباد موٽي 22 فيبروري تي اينٽي ٽيررزم ڪورٽ-1 حيدرآباد ۾ سارنگ ۽ سھڻيءَ  سان گڏ ٻڌڻيءَ  تي حاضر ٿيس. ٻئي طرف نصير آباد ۾ ڌرڻو جاري آھي مقامي سيشن ڪورٽ ۾ سنڌ دوست وڪيل محب آزاد شھيد ھدايت لوھار جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ  ڪيس داخل ڪيو آھي. اُن صورتحال ۾ سنڌ جا غيرت مند فرزندو !سسئي ۽ سورٺ جو ساٿ ڏيو، سندن مٿي تي ھٿ رکو شھيد ھدايت لوھار جي قاتلن کي گرفتار ڪرائڻ تائين احتجاج جاري رکو

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.