معصوم ٻار جي قتل ڪيس ۾ 16 سالن جو جوابدار جيل حوالي z

ڪراچي (رپورٽر) مقامي عدالت ۾ فيڊرل بي ايريا ۾ ست سال جي آيان جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت گرفتار 16سالن جي جوابدار کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، عدالت جاچ آفيسر کان  ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته اسان جوابدار جو 164جو بيان رڪارڊ ڪيو آهي ، جوابدارجي عمرجو تعين ٽيسٽس ڪرائڻ کانپوءِ ڪيو ويندو جوابدار پنهنجي بيان ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، جوابدار جو نفسياتي معائنو ڪرڻو آهي جنهن ۾ 8کان 10ڏينهن لڳي سگهن ٿا، جوابدار ايان جو سئوٽ آهي.

  1. ڪراچي: عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ اميدوارن اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا

ڪراچي (رپورٽر) قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي عورتن لاءِ مخصوص سيٽن  لاءِ مختلف پارٽين جي اميدوارن پنهنجي اثاثن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا، قومي اسيمبلي  جي اميدوار عورتن ۾ پيپلز پارٽي جي شازيه مري، شگفته جماڻي، شاهده رحماني، مهتاب اڪبر راشدي، مسرت شفيق مهيسر، مهرين رزاق ڀٽو، سحر ڪامران، شرميلا فاروقي شامل آهن جن اثاثن جا تفصيل جمع ڪراياآهن .ايم ڪيو ايم جي آسيا اسحاق، سبين غوري، نگهت شڪيل خان، رعنا انصار ۽ صوفيا سعيد پنهنجي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا آهن .صوبائي اسيمبلي لاءِ عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ پيپلزپارٽي طرفان سيما خرم، تنزيلا قمبراڻي، ريحانه لغاري، نزهت پٺاڻ، ماروي فصيح، سعديه جاويد، سنجيلا لغاري، رخسانه پروين شاهه، هير سوهو، ندا کهڙو، صائمه آغا، روما صباحت، عروبا راشد رباني ۽ ربينا قائم خاني، اثاثن جا سمورا تفصيل جمع ڪراياآهن .

  1. مرچن وارو کاڌو کارائڻ سبب بشريٰ بي بي جو ڳلو سڄي ويو آهي:  نعيم پنجوٿا

اسلام آباد (م ڊ) پي  ٽي آءِ باني نعيم پنجوٿا چيو آهي ته بشريٰ بي بي کي مرچن وارو کاڌو کارايو ويو آهي، جنهن سبب تڪليف ٿي آهي، بني گالا ۾ ميڊيا سان  ڳالهائيندي هن چيو  ته  کاڌو  کائڻ کان پوءِ ڳلي ۾ داڻا ٿي پيا آهن. پهرين ڏينهن بشريٰ بي بي جو روزو هو، جيڪو کاڌو ڏنو ويو  ان ۾ تيز مرچ هئا،  بشريٰ بي بي سان اڌ ڪلاڪ ملاقات ٿي، هن ٻڌايو  ته مرچن جي ڪري ان جي طعبيت خراب ٿي پئي، صبح  اٿڻ کان پوءِ ان جي ڳلي ۾ داڻا هئا، جنهن سبب هو ناشتو به نه ڪري سگهي، هاءِ ڪورٽ ميڊيڪل رپورٽ جو تحفظ جو اظهار ڪيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.