پيرونمل:اقليتي برادري تي تشدد،4 زخمي،فائرنگ، گهرن کي باهه،ڌرڻو

پيرونمل(عوامي آواز نيوز)سانگهڙ ضلعي جي شهر پيرونمل ويجهو ڳوٺ حاجي مريد اڪبر سنگراسي مان هندو هارين ڀاٽن جي گهرن مان چارٻڪريون چوري ٿي ويون  پاسي ۾ چانڊيا برادري جي گهرن ۾ پيرا لڳڻ تي جهيڙو ٿي پيو،چانڊ برادري جي هٿياربندن  ڀاٽ برادري جا  عورتن سميت چار ڄڻا زخمي ڪري ڇڏيا، چار گهرن کي باهه ڏني وئي، ڀاٽ برادري پاران عورتن سميت احتجاجن سانگھڙ کپرو روڊ تي ڌرڻو  هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو،  ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، پيرونمل پوليس گم ٿي وئي،ڀاڳين پاران  کوجي ڪتا گهرائي پاسي ۾ ويٺل چانڊين جي گهرن  ۾ پيرا پيا،ڌڪ لڳڻ ڪري بابو ڀاٽ  ڀارو ڀاٽ ۽ ٻه عورتون ڊيلان مارو ڀا ٽ سخت زخمي ٿي پيون ،ڀاٽ برادري جو چوڻ آهي ته  اسان تي حملو علي حسن ،شڪيل ،طفيل ،جاني چانڊيو پاران ڪرڻ کانپوءِ پوءِ اسان جي گهرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪري گهرن کي باھ ڏئي ساڙيو ويو آهي ٻئي پاسي علي حسن چانڊيو ۽ ٻين چيو ته اسان ڪوبه حملو ناهي ڪيو ڀاٽ برادري ڪوڙو الزام هڻي رهي آهي جڏهن ته ايس ايڇ او پيرونمل ۽ ڊي ايس پي کپرو کپرو ڌرڻي واري هنڌ پهچي منٿ ميڙ ڪئي ته  روڊ کوليو جوبدار گرفتار ڪيون ٿا،ڀاٽ برادري چيو ته جيستائين جوبدار گرفتار نه ٿيندا تيستائين روڊ بلاڪ رهندوظلم چوري به اسان جي ڪئي وئي حملو به اسان جي عورتن ۽ مردن تي گهرن ۾ گهڙي گهرن کي باهيون ڏئي فائرنگ ڪري ڪيو ويو اسان سان انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.