نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو سينيٽ چونڊن کان اڳ صدارتي چونڊ ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي (م ڊ) پارليامينٽ جي ٻن وڏين پارٽين نواز ليگ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سينيٽ چونڊن کان اڳ صدارتي چونڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻنهي جماعتن نئين صدر جي چونڊ جي لاءِ 8 مارچ جي تاريخ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي، نجي ٽي وي موجب ٻنهي جماعتن تجويز ڏني آهي ته اسيمبلين جي حلف برداري جي فورن بعد صدارتي چونڊون ٿينديون، واضح رهي ته 8 سيپٽمبر 2023 تي ڊاڪٽر عارف علوي صدر بڻيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.