ڪراچي: ميٽرڪ امتحان جي نتيجن جي ذميوار بورڊ جي سموري ٽيم قرار

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي پاران ايس ايس سي پارٽ-2 ، 2023  جي سالياني امتحانن جي نتيجن ۾ ڦيرڦار جي الزامن بابت جاچ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن   وڏي وزير کي رپورٽ پيش ڪندي بورڊ جي امتحاني برانچ جي سمورن آفيسرن کي ذميوار قرار ڏنو ۽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کان اهڙن ناپاڪ ارادن جي وڌيڪ جاچ ڪرائڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي. وڏي وزير، بي ايس سي ڪراچي پاران ايس ايس سي پارٽ ٽو جي امتحان 2023ع جي نتيجن ۾ ڦيرڦار جون شڪايتون ملڻ کانپوءِ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن ڊاڪٽر شيرين مصطفيٰ (چيئرپرسن)، ايڊيشنل سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز افشان ۽ يو اينڊ بي کاتي جي سيڪشن آفيسر رباب ۽ زوزين ڪٽبر تي ٻڌل ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي هئي. انڪوائري ڪميٽي 21 فيبروري تي پنهنجي رپورٽ ۽ سفارشون نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر کي پيش ڪيون جنهن کي وڏي وزير منظور ڪري ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد لاءِ چيئرمين بورڊ کي موڪلي ڇڏيو. امتحاني ٽيم جنهن ۾ ڪنٽرولر، ڊپٽي ڪنٽرولر، اسسٽنٽ ڪنٽرولر ۽ آءِ ٽي ٽيم شامل آهن انهن کي واضح غلطين جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. ڪميٽي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ کان وڌيڪ جاچ جي سفارش ڪئي آهي،ڪميٽيءَ پنهنجي ڪارروائي دوران معلوم ڪيو ته جن ملازمن کي به بيان ڏيڻ لاءِ گهرايو ويو هو انهن مان ڪوبه سنجيده نه هو ڪميٽي شڪايت ڪئي ته چيئرمين سميت ڪنهن به آفيسر مارڪ شيٽ فراهم ڪرڻ ۾ تعاون نه ڪيو، معلومات تائين پهچ ۽ مسلسل پڇاڻي تي ڪجهه مارڪ شيٽون فراهم ڪيون ويون. امتحاني برانچ جو عملو انڪوائري دوران لاپرواهي جو شڪار هو اڪثر هڪٻئي تي الزام هڻندا رهيا، رپورٽ موجب چيئرمين بورڊ سڌارا آڻڻ سميت پراڻي ۽ نئين سسٽم کي هلائڻ ۾ ناڪام رهيو جنهن سان بورڊ جي مجموعي ڪارڪردگيءَ کي نقصان پهتو. مٿين سفارشن جي روشني ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير انڪوائري ڪميٽي پاران پيش ڪيل سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.