ٿرڪول منصوبن جا علائقن تي پوندڙ اثر

تحرير؛ غازي بجير

ٿرپارڪر ضلعو جيڪو ستن تعلقن ۽ 21 هزار اسڪوائر ڪلوميٽر ايراضي تي پکيڙ رکي ٿو،ستن تعلقن ۾ مٺي،اسلام ڪوٽ،ننگرپارڪر،ڏيپلو،ڪلوئي ڇاڇرو ۽ ڏاهلي شامل آهن،ٿر جي تعلقي اسلام ڪوٽ ۾ ڪوئلي جي منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي،هن وقت مُلڪ جو وڏي ۾ وڏو اوپن پِٽ کوٽائي وارو منصوبو ٿرڪول آهي.

ٿرڪول بلاڪ ون وارو منصوبو وڏي ۾ وڏو ڪول منصوبو آهي جنهن تي شهنگائي اليڪٽرڪ ڪمپني،سائيو سنڌ ڪمپني ۽ ٽي سي بي ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن،هن پراجيڪٽ تي 1320 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم هلي پيو،ڪاميابي به ملي چُڪي آهي،ٻيو نمبر بلاڪ ٽو جو منصوبو آهي جنهن تي به سنڌاينگرو ڪول مائننگ ڪمپني،ٿل نوا ڪمپني ۽ حبڪو ڪئپنيون 330-330 ميگاواٽ جي الڳ الڳ اندازن 330 ميگاواٽ جي ڊبل منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن،ٿرڪول منصوبن تي کوٽائي ڪرڻ،پاور پلانٽس جي چالو ٿيڻ سميت کاڻين مان نڪرندڙ پاڻي اوپن اُڇلڻ ڪري علائقن ۾ ماحوليات تي ڪيئي خراب اثر پوڻ جون شڪايتون عام طور ملي رهيون آهن، بلاڪ ون جي مختلف ڳوٺن وروائي،تلوايو،کاريو غلام شاھ سميت ٻين ڳوٺن لاءِ هن منصوبي ڪيترائي مسئلا کڙا ڪري ڇڏيا آهن،ڳوٺاڻن چون ٿا ته بلاڪ ون جي کاڻ جي کوٽائي بعد جيڪا مِٽي ڪڍي ٿي وڃي اُها ڊمپنگ وڌنڌي وڌنڌي هاڻي ڳوٺ تلوايو ۽ کاريو غلام شاھ جي بلڪل گهرن مٿي اچي چُڪي آهي،اُها مِٽي جنهن جي ڊمپنگ بعد وڏيون وڏيون ڀِٽون ٺهي ويون آهن جن تان ڏينهن ۽ رات تيز هوائن سبب اُڏامندڙ دز،مِٽي ۽ واري گهرن مٿي برسات وانگر وسندي رهي ٿي،اسان جو گهرن ۾ رهڻ توڙي کاڌو پچائڻ مشڪل ٿي پيو آهي،دز،مِٽي ۽ واري اُڏامڻ ڪري علائقن ۾ وڻ ۽ ٻوٽا به لَٽجي رهيا آهن،جن تي دز چڙهڻ ڪري چوپائي مال جو چارو پُڻ ختم ٿي رهيو آهي،هڪ طرف ڊمپنگ واري اُڏامندڙ مِٽي،دز ته ٻي پاسي پاور پلانٽ مان خارج ٿيندڙ دونهي ماحول کي گدلو ڪري رکيو آهي،پلانٽ مان خارج ٿيندڙ دونهون برساتي ڪڪرن وانگر علائقي تي ڇانيل رهي ٿو،دونهي ۾ زهريلي مادا هجڻ ڪري اُنهي مان خارج ٿيندڙ ڪئميڪل وارن جراثيمن جي اثرن سبب ڳوٺن جا ماڻهو کنگهھ، الرجي، دم سميت ٻين بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن، ڳوٺ وروائي سميت تلوايو ۽ کاريو غلام شاھ جي ڳوٺاڻن اهڙيون شڪايتون بار بار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن،هڪ دفعو بلاڪ ٽو مان لڏپلاڻ ڪرايل ڳوٺ نئين سنهري درس جي رهواسين به شڪايت ڪئي هئي ته تيز هوا لڳڻ سبب بلاڪ ون جي کاڻ مان نڪرندڙ ڪوئلي جا ذرڙا ذرڙا تيز هوائن ۾ اُڏامندي اسان جي گهرن تي ڪرندا رهن ٿا ۽ ڪوئلو اسان جي گهرن تي هلڪي هلڪي برسات وانگر وسندو رهي ٿو،بلاڪ ون جي ڳوٺن مٿي دز اُڏامڻ ڪري پري پري کان گهر ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن ۽ دز گهر مٿي ڪڪرن وارن ڇانيل نظر اچي ٿي،ڪوئلي جي کوٽائي دوران کاڻين مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي ڳوٺ وروائي ۽ تلوايو جي سيمن ۾ اوپن ڇڏيو پيو وڃي،جنهن سبب ڪِني پاڻي علائقن ۾ زمينون تباھ ڪري ڇڏيون آهن،

ساڳئي طريقي سان ٿرڪول بلاڪ ٽو جي کاڻين،پاور پلانٽن جي ڀروارن ڳوٺن جا ڳوٺاڻا شڪايتون ڪري رهيا آهن،ڳوٺاڻا اِهي به دانهن ڪن پيا ته پاور پلانٽن مان ڪوئلي ساڙڻ بعد اُن کان نڪرندڙ رک(ڦُلهيار)کي اوپن ڪنهن هڪ هنڌ تي ڊمپنگ ڪيو پيو وڃي،جنهن تي قانون موجب روزاني پاڻي جو ڦوهارو ڪرڻو هجي ٿو،جيڪو نه ٿو ڪيو وڃي،جنهن سبب اُهو رک تيز هوائن سبب اُڏامڻ ڪري علائقن ۾ ماحولياتي گدلاڻ پکڙجي رهي آهي،اهڙي نموني ڪول منصوبن تي وڌيڪ ڪيترائي مسئلا آهستي آهستي اڳتي اچڻ شروع ٿي رهيا آهن،

ٿرڪول بلاڪن جي کوٽائي دوران نڪرندڙ پاڻي اوپن زمين تي اُڇلڻ ڪري کوٽائي وارن آسپاس جي علائقن ۾ زير زمين پاڻي سطع تمام هيٺ هلي وڃڻ جون ڳوٺاڻن وٽان شڪايتون ملي رهيون آهن،ڪوئلي وارن بلاڪن جي آسپاس وارن علائقن جا ماڻهو شڪايتون ڪري رهيا آهن اسان جي ڳوٺن جي کوهن ۾ پاڻي جي زير زمين سطع هيٺ هلي وئي آهي ۽ کوھ سُڪي ويا آهن،ڳوٺاڻا چون ٿا ته ڪوئلي جي کاڻين مان زير زمين وڏي مقدار ۾ پاڻي ڪڍي ٻاهر اُڇلائڻ ڪري اسان جي علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي،رهواسين کي شڪ ۽ ڳڻتي آهي ته ٿي سگهي ٿو زير زمين پاڻ ڪڍڻ سبب اهڙا اثر سامهون اچي رهيا آهن،

حڪومت سميت ادارن کي گُهرجي ته ٿرڪول ايريا جي ڳوٺن درپيش مسئلن بابت ڏٺو وڃي ۽ پيدا ٿيندڙ ماحولياتي توڙي ڳوٺن جي سطع جهڙن مسئلن کي حل ڪرڻ توڙي اثراتن کي گهٽائڻ سميت ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ورتيون وڃن ته جيئن اڳتي هلي مسئلا وڌي وڻ نه ٿين،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.