غزه جنگ سعودي عرب لاءِ  ختم نه ٿيندڙ مٿي جو سُور

سعودي عرب لاءِ ’سعودي فرسٽ‘  پاليسي ۽ غزه جي جنگ ۾ ھن وقت تائين  فلسطينين جي لاءِ آھستي آھستي وڌندڙ حمايت ۽ هڪ آزاد رياست حاصل ڪرڻ لاءِ سندن ڊگهي جدوجهد  ۾ توازن برقرار رکڻ سعودي عرب لاءِ آسان ناهي.

سعودي عرب هن وقت مشڪل دور مان گذري رهيو آهي. هڪ طرف سعودي عرب جو”فرسٽ ويزن“ آهي ته ٻئي پاسي غزه جنگ ۾ فلسطينين جي حمايت ۽ هڪ آزاد رياست لاءِ سندن جدوجهد جي ساٿ ڏيڻ جو عمل. رياض هن وقت نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، جنهن لاءِ خطي ۾ استحڪام جي ضرورت آهي.

غزه ۾ اسرائيل ۽ حماس جي جنگ تيزيءَ سان سعودي عرب جي پرڏيهي ۽ داخلا پاليسين تي اثرانداز ٿي رهي آهي.

جرمن ٿنڪ ٽينڪ CARPO جي هڪ سينئر محقق سباستيان سانز موجب”سعودي عرب لاءِ توازن قائم رکڻ لاءِ صورتحال ڏکي  بڻجي وئي آهي. موجوده غزه جنگ سعودي عرب جي اسرائيل سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري رهيو آهي.  مهينن کان آمريڪي قيادت سعودي عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. رياض اڃا تائين رسمي طور تي اسرائيل کي هڪ رياست طور تسليم نه ڪيو آهي. آمريڪا خطي ۾ وڌيڪ استحڪام لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي ۽ معاشي لاڳاپن جي بهتري کي ضروري سمجهي ٿو.آمريڪا انھن ٻنھي ملڪن ۾ سياسي ۽اقتصادي لاڳاپن جي بھتري کي خطي ۾ وڌيڪ استحڪام جي لاءِ ضروري سمجھي ٿو.

جڏھن تھ حماس جنھن کي جرمني،يورپ،آمريڪا ۽ ڪجھه عرب رياستون دھشتگرد تنظيم قرار ڏين ٿيون، انھن طرفان گذريل سال 7 آڪٽوبر تي ڏکڻ اسرائيل ۾ ڪيل دھشتگردي واري حملي سبب اسرائيل ۽ سعودي عرب جون ڳالھيون تعطل جو شڪارآھن، پر ان عمل کي مڪمل طور ختم نھ ڪيو ويو آھي.عالمي لاڳاپن جي ھڪ ماھر موجب سعودي عرب ۽ اسرائيل جي وچ ۾ لاڳاپن جي جي پس منظر ۾ اھو ڏٺو ويو ته فلسطين جو مسئلو گهٽ اهم ٿي ويو آهي، پر ھن جنگ سبب اسرائيل سان ممڪن لاڳاپو هڪ ڀيرو  وري فلسطينين لاءِ سياسي حل سان ڳنڍجي ويو آهي.

غزه جي ڏاکڻي شهر رفح تي اسرائيل پاران آپريشن شروع ڪرڻ تي رياض جي تازي بيان سان سعودي عرب جي نئين ”پوزيشن“ واضح ٿئي ٿي. رفح ۾ 13 لک کان وڌيڪ انسان بي گهر ٿيڻ بعد پناه ورتي آھي. گذريل هفتي اسرائيلي ڪارروائي تي سعودي عرب اسرائيل کي خبردار ڪيو ھو تھ غزه جي پٽي جي شهر رفح کي نشانو بڻائڻ جا سخت نتيجا نڪرندا.بهرحال، سعودي عرب جي سياسي پوزيشن تيزي سان تبديل ٿي رھي آهي ۽  جذباتي صورتحال به تبديل ٿي وئي آهي.

ماھرن موجب سعودي عرب جي پهرين ترجيح موجوده معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ ويزن 2030 آهي،ويزن 2030  سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي رٿا آهي جنهن جو بنيادي مقصد هن عرب بادشاهت ۾ سڌارن ذريعي سماجي ۽ معاشي تبديليون آڻڻ آهي. مثال طور ھڪ ”اوپن سوسائٽي“ يا آزاد سماج ٺاهي ڪري سماج ۾ عورتن جي ڪردار تي زور ڏيڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ، تيل ۽ ٻين شعبن جهڙوڪ سياحت، ٽيڪنالاجي ذريعي بادشاهت جي آمدنيءَ ۾ ترقي آڻڻ جون ڪوششون هن جا بنيادي مقصد آهن.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.