سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ نوجوانن ۾ نا اميدي جي لھر

تحرير؛ سميعابڙو

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن  نوجوانن جي خوابن جو قتل ڪيو آھي. اھي نوجوان جيڪي ڏينھن رات محنت ڪري پنھنجي مستقبل کي ڳولھيندي ڳولھيندي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي دروازي تي پھتا پر شايد انھن کان اھو وسري ويو ھو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ منڊي قائم ڪيل آھي جيڪو مقرر اگھه ڏيندو اھو حقدار ھوندو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ميرٽ جي لتاڙ ڪندي رھي آھي.

گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ جي وجود ۽ سنڌي شاگردن جي وجود تي وار ٿي رھيو آھي. ھڪ پاسي سنڌ جي وجود تي وار ڪري سنڌ جون زمينون، سنڌ جو پاڻي، سنڌ جا ادارا نيلام ڪرڻ جون سازشون ٿي رھيون آھن ته ٻئي پاسي سنڌي شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳل آھي. جنھن ۾ ڪڏھن ميڊيڪل جا پرچا آئوٽ ڪيا ٿا وڃن، ڪڏھن تعليمي ادارن ۾ فيون وڌائي تعليم کسڻ ،ڪڏھن شاگردن کي هراس ڪرڻ، ڪڏھن شاگردن کي خوف ۾ وڪوڙڻ،ڪڏھن شاگردن کي شوڪاز نوٽيس موڪلڻ ته ڪڏھن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا پرچا آئوٽ  ڪيا ٿا وڃن. ڪجهه ڏينھن اڳ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر (ايس ايس ٽي ) 16 اسڪيل جا ھلندڙ امتحان روڪيا ويا آھن جنھن جو سبب اھو پيو ڄاڻايو وڃي ته پرچو آئوٽ ٿيو آھي .

سوال ھي آھي ته پرچو ڪيئن آئوٽ ٿيو؟ ان ۾ انتظاميه جو ڪيترو ڪردار آھي؟ اھو سنڌي عوام آڏو پيش ٿيڻ گهرجي! ھي مسئلو فقط نوڪرين جو ناھي پر سنڌ ۾ ادارن تي سنڌي ماڻھو کي ختم ڪرڻ جي پڻ ڪوشش آھي، ھي پھريون دفعو ناھي ٿيو ٽائون آفيسر جون سيٽون به سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن لکين روپين عيوض وڪرو ڪري ڇڏيون. ھاڻي ھن مرحلي ۾ به ايئن ئي ٿيو آھي جو اگهھ مقرر ڪيو ويو ۽ ھي امتحان ته فقط ڊرامو ھو، جيئن اداري جي ساک برقرار رھي.

سوال نمبر ٻيو : ڪجھه ڏينھن اڳ امتحان ۾ ملندڙ سوال واري  پرچي تي جواب آڏو مارڪ ڏنل ھئا ته اتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته ان معاملي ۾ انتظاميه جو ھٿ ناھي ته ڪنھن جو آھي؟

ھي ادارو مڪمل طور تي وڏيرن، سردارن ۽ جاگيردارن جي ھٿ ۾ آھي اسان کي پنھنجي وجود بچائڻ لاءِ نڪرڻو پوندو، ھمٿ ڪرڻي پوندي، جيڪي نوجوان ڏينھن رات محنت ڪري اڳيان اچن ٿا ۽ اڳيان ادارن ۾ ويٺل آفيسر انھن جي خواھشن کي کائي کپائي ڇڏين ٿا ۽ انھن جي مستقبل کي پيرن ھيٺان چيڀاٽي ڦٽي ڪن ٿا انھن کان ضرور حساب وٺڻ گهرجي. ھي جنگ وڏي آھي ان جنگ ۾ اسان کي وڏي محنت جي ضرورت آھي ۽ سمورن نوجوانن کي اھو سمجھڻ گهرجي ته ھي مسئلو ھر نوجوان جو آھي ھنن مسئلي تي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آھي. جس ھجي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر وڪيل سجاد احمد چانڊيو صاحب جن کي جنھن ھر وقت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انھن ڌنڌن کي عوام آڏو پيش ڪري  بي نقاب ڪيو آھي ھن وقت به وڪيل سجاد احمد چانڊيو صاحب طرفان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي بي نقاب ڪرڻ خلاف ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي آھي جنھن تي ڪورٽ سڳوري حڪم جاري ڪيو آھي ته انٽرويو لائيو ھلايا ويندا ۽ يوٽيوب تي به شيئر ڪيا ويندا اسين اميد ٿا ڪريون وڪيل سجاد احمد چانڊيو صاحب مان ته ھو ضرور نوجوانن جي خوابن کي چڪنا چور ڪرڻ کان روڪيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.