هڪ پاسي مُلڪ اندر معاشي بحران آهي جيڪو ختم ٿيڻ جو نانءُ ئي نٿو وٺي، بيروزگاري جو عذاب وڌندو پيو وڃي اهڙي صورتحال ۾ جتي حُڪومت ئي مالي خساري جو شڪار هجي ۽ امدادن توڙي قرضن تي هلندي هجي اتي عام ماڻهن هيٺين ۽ وچين طبقي جي ڇا حالت هوندي تنهن جو هر ڪنهن کي اندازو آهي. اها به سڀني کي خبر آهي ته عام ماڻهن جو وڏي ۾ وڏو مسئلو مهانگائي جو آهي.
اصولي طور تي حُڪومت جو ڪم عوام جي خدمت ڪرڻ، عوام جا مسئلا ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ هوندو آهي پر هاڻي اقتدار ماڻڻ جو اصل سبب ان مان ڪمائڻ وڃي رهيو آهي تنهن ڪري عوام جي خدمت جو جذبو حڪومتن ۾ نظر نٿو اچي جنهن کي اسان حڪومتي زوال سمجهون ٿا.
جيڪڏهن حُڪومت پنهنجي حڪمراني جي روح کي سمجهي ته ان جي تقاضا اها آهي ته ان کي عوام جي مسئلن کي اوليت تي رکڻو آهي پر اها نيت نظر نٿي اچي. هڪ سوال اهو به آهي ته ڀلا جيڪڏهن اوهان کي عوام جي خدمت ڪرڻي ئي ناهي ته پوءِ سياست ڇو ٿا ڪريو ۽ چونڊن ۾ بيهو ڇو ٿا. پوءِ اهو بهتر ناهي ته ٻين کي موقعو ڏجي. هتي عالم اهو آهي ته پاڻ به ڪم نه ڪبو ۽ ٻئي کي به ڪم ڪرڻ نه ڏبو.
پاڻ وري پنهنجي موضوع تي اچون ٿا ته حُڪومت بجاءِ ان جي ته عوام جا مسئلا حل ڪري، انهن جي زندگين کي بهتر ڪري الٽو اها عوام لاءِ مسئلا ئي مسئلا پيدا ڪندي رهي آهي. مثال طور حڪومت کي چڱي ريت خبر آهي ته مهانگائي ئي عوام جو نمبر ون اشو آهي پر حڪومت مهانگائي کي گهٽائڻ لاءِ ڪڏهن به ڪا غير معمولي حڪمت عملي ناهي جوڙي.
اڃان به ڏسجي ته حُڪومت هر دور ۾ مهانگائي وڌائي ئي آهي. ماضي ۾ هر سال هڪ ڀيرو بجيٽ پيش ٿيندي هئي ۽ ساليانو جيڪي شيئن تي اگهه مقرر ٿيندا هيا سي ئي سڄو سال قائم رهندا هيا پر هاڻي ٻارهو ئي بجيٽ پيش ٿئي ٿي. پيٽروليم جي اگهن سان روزاني جي واهپي وارين شيئن جا به اگهه وڌندا رهندا آهن. اڳي مهيني ۾ هڪ دفعو پيٽروليم جا اگهه وڌايا ويندا هيا پر هاڻي هر پندرهين ڏينهن پيٽروليم جا اگهه وڌن ٿا جنهن سبب مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي. ائين سمجهو ته هاڻي هر پندرهين ڏينهن مهانگائي وڌي ٿي. سو هر پندرهين ڏينهن پيٽروليم جا اگهه وڌائڻ ڪري هاڻي مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ناممڪن ٿي ويو آهي.
مهانگائي جي ان هر پندرهين ڏينهن لڳندڙ طوفان ماڻهن جي زندگين کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو آهي. روزاني جي کاڌي وارين شيئن جا اگهه ته وڌندا ئي رهن ٿا پر هاڻي ته حياتين کي بچائڻ وارين دوائن جا به معمول موجب اگهه وڌندا ئي رهن ٿا جنهن جو اڻ سڌو مطلب اهو آهي ته عوام جي جان جو تحفظ واري بنيادي فرض تي مقرر حڪومت حياتين کي اهميت نه ڏيندي، انهن جي علاج کي مهانگو ڪري کين مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
دوائن جي مهانگ جي صورتحال اها آهي ته هڪ پاسي حُڪومت دوائون مهانگيون ڪري ٿي ٻئي پاسي دوائن جون ڪمپنيون به پاڻمرادو دوائن جا اگهه وڌائن ٿيون. هاڻي به رپورٽن موجب وفاقي حڪومت حياتي بچائيندڙ 116 دوائن جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. حڪومتي نوٽيفڪيشن موجب ڪينسر، ڊائلاسز، اينٽي بايوٽڪ دوائن ۽ ويڪسين جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. مٿان وري عوام تي اهو احسان به حڪومت جتائي رهي آهي ته ڊرگ ريگيولٽري اٿارٽي ته اسان کي 262 دوائن جا اگهه وڌائڻ جي سمري موڪلي هئي پر حڪومت رڳو 116 دوائن جا اگهه وڌايا آهن. وري پاڻ ئي حڪومت چئي ٿي ته باقي دوائن جا اگهه فارما سوٽيڪل ڪمپنيون وڌائينديون.
سو هتي رڳو کاڌي جي شيئن جا ئي اگهه نٿا وڌن پر ساڳي رفتار سان هر شئي سميت دوائن جا اگهه به معمول موجب لاڳيتو وڌندا رهن ٿا. حڪومت وٽ ان جا ڀلي ڪهڙا به سبب هجن پر عوام کي رليف کپي، ان کي سستائپ کپي. خاص ڪري ويجهڙ ۾ ٿيل چونڊن ۾ عوام جيڪو سڀ کان وڏو مسئلو چونڊيل نمائندن آڏو رکيو هو سو هو مهانگائي جو ۽ هاڻي جن اميدوارن کي ووٽ مليا آهن تن کان به اها ئي تقاضا آهي ته اهي اقتداري ايوانن ۾ وڃي مهانگائي گهٽائڻ جو ڪم ڪندا.
ان صورتحال ۾ نئين چونڊيل حڪومت جو پهريون وڏو چيلينج مهانگائي گهٽائڻ جو آهي. عوام جو به مطالبو اهو ئي آهي. جيڪڏهن اوهان مهانگائي نٿا گهٽائي سگهو، اوهان جي وس جي ڳالهه ناهي ته پوءِ سڌي ڳالهه ڪريو. پوءِ اخلاقي طور تي اوهان کي نه چونڊن ۾ بيهڻ گهرجي ۽ نه ئي حڪومت ٺاهڻ گهرجي. حڪومت ٺاهڻ مان مراد اها آهي ته چونڊيل نمائندا عوام جا مسئلا حل ڪندا پر جيڪڏهن اوهان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اقتداري ايوانن ۾ نٿا وڃو ته پوءِ اتي ئي حڪومت جو اولين مقصد فوت ٿي وڃي ٿو. ان کان ڇا اهو بهتر ناهي ته اوهان پنهنجي ناڪامي تسليم ڪندي ٻين جماعتن کي موقعو ڏيو جيڪي مهانگائي گهٽائڻ جي دعويٰ ڪري سگهن. پر جيڪڏهن اوهان حڪومت ڪرڻ جو چيلينج قبول ڪيو آهي ته اصولي طور تي اوهان وٽ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جو پلان هئڻ گهرجي ۽ ان تحت حڪومت ڪرڻ گهرجي.
اسان جي نئين حڪومتن کي ان ڏس ۾ اها صلاح آهي ته هڪ سٺي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ۽ عوام جا مسئلا ڪيئن حل ڪجن ڪهڙيون پاليسيون جوڙجن تن بابت مختلف شعبن جي ماهرن جي هڪ گڏيل ڪانفرنس ڪوٺائي انهن کان به قيمتي مشورا ۽ تجويزون وٺڻ گهرجن. ان مان اوهان کي فائدو ئي ٿيندو ڪو نقصان نه ٿيندو. توهان کي نوان آئيڊيا ملي ويندا. ٻيو ته جيڪڏهن حڪومت وٽ مالي تنگي آهي ته ان کي پوءِ پنهنجيون روايتي عياشيون ختم ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي. پر افسوس ته اها سادگي واري پاليسي به نظر نٿي اچي. اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن ملڪ غريب آهي ته اها غربت حڪمرانن ۾ ڇو نظر نٿي اچي، انهن جي غير ضروري عياشين تي ڇو نٿو ڪنٽرول نظر اچي. ٻين امير ترين ملڪن ۾ ته شاهوڪار حڪمران به سادگي سان زندگي گذاريندا آهن پر اسان جي حڪمرانن جون بادشاهن واريون مراعاتون ئي نٿيون کٽن.
چوڻ جو مقصد اهو آهي ته حڪومت کي پاڻ غربت ۾ رهندي عوام کي شاهوڪار ڪرڻ جو سوچڻ گهرجي. عوام کي اهڙي حڪومت گهرجي جيڪا پاڻ کي بک ۾ رکي عوام جي خوراڪ جو انتظام ڪري سگهي. اهو سڀ حڪمرانن جي پنهنجي ظرف ۽ اخلاق تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن ملڪ اندر مالي بحران آهي، وسيلا گهٽ آهن ته انهن بابت سوچي. ٻئي پاسي وري ڏسجي ته پاڪستان معدني وسيلن سان مالا مال آهي، زراعت، فشريز، لائيو اسٽاڪ ۾ اسان جو ملڪ شاهوڪار آهي پر حڪمرانن جي نااهليءَ، امير ملڪ جي عوام کي غريب ۽ پنڻ جهڙو ڪيو آهي. اها حڪومت جي نااهلي چئبي جنهن جو مجموعي طور تي سڄي ملڪ ۽ عوام کي ڀوڳڻو پئجي ويو آهي ۽ غربت جي جنڊ ۾ پيڙڻو پيو آهي. جيڪڏهن اها نااهلي برقرار رهي ۽ حڪومت ملڪ ۽ عوام کي مالي بحران مان نه ڪڍيو ته پوءِ مهانگائي ڪيئن ختم ٿيندي. بهرحال عوام لاءِ ڀلي حُڪومت اها ئي چئبي جيڪا مهانگائي ختم ڪري سَستائپ ڪري ڏيکاريندي.