جج خلاف ڪارروائي شروع ٿي وڃي ته استعيفيٰ سان ختم نه ٿيندي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ رٽائرڊ يا مستعفي ججن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ڪارروائي بابت ڪيس جو مختصر فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ 1-4 جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌايو، جسٽس حسن اظهر رضوي اپيل مدي خارج هجڻ جي حد تائين فيصلي سان اختلاف ڪيو. سپريم ڪورٽ مختصر فيصلي ۾ چيو ته جج خلاف هڪ ڀيرو ڪارروائي شروع ٿي وڃي ته جج جي استعيفيٰ سان ڪارروائي ختم نه ٿيندي، مستعفي جج خلاف ڪارروائي جاري رکڻ جڊيشل ڪائونسل جو اختيار هوندو. سپريم ڪورٽ جي مختصر فيصلي موجب رٽائرڊ ججن خلاف ٻڌڻي هيٺ شڪايتن تي ڪارروائي ڪرڻ يا نه ڪرڻ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اختيار آهي. جسٽس امين الدين خان چيو ته تفصيلي سبب پوءِ جاري ڪيا ويندا. جسٽس حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏيندي چيو ته هي معاملو 2019 جو آهي ته پوءِ اٽارني جنرل آفيس 5 سالن کان ڪو ايڪشن ڇو نه ورتو؟ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته فيصلو سپريم جوڊيشل ڪائونسل ڪندي ته جج خلاف ڪارروائي ٻيهر ڪئي وڃي يا نه. سپريم ڪورٽ 4-1 جي اڪثريت سان فيصلو ڏنو آهي، جسٽس حسن اظهر رضوي اڪثريتي فيصلي جي مخالفت ڪئي آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪو جج جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي دوران استعيفيٰ ڏئي ٿو ته جڊيشل ڪائونسل ڪارروائي جاري رکي سگهي ٿي. فيصلي موجب سپريم جوڊيشل ڪائونسل جڏهن ڪارروائي شروع ڪندي ته استعيفيٰ يا رٽائرمينٽ تي ڪارروائي ختم نه ٿي ڪري سگهجي، اهڙي صورت ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل کي ڪارروائي ختم ڪرڻ جو اختيار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.