جبري گمشدگيون: آءِ بي، آءِ ايس آءِ،ايم آءِ سربراهن تي ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم

اسلام آباد(م ڊ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل بلوچ شاگردن جي ڪيس ۾ 3 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالتي فيصلي موجب اها گڏيل ڪميٽي ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي ايم آءِ ۽ ڊي جي انٽيليجنس بيورو تي مشتمل هوندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گذريل ٻڌڻي جو لکت وارو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪميٽي گم ٿيل ماڻهن بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪندي. فيصلي موجب ڊي جي انٽيليجنس بيورو ڪميٽي جو سربراهه هوندو.عدالتي ڪميٽي ايندڙ ٻڌڻي تي گم ٿيل بلوچ شاگردن ۽ نون گم ٿيلن بابت رپورٽ پيش ڪندي.ڪميٽي لاڳاپيل ضلعي ۽ ڊويزن جي سيڪٽر ڪمانڊر کان معلومات وٺي بند لفافي ۾ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪندي.ڪميٽي جبري گمشدگين ۾ ملوث ماتحت اختيارين خلاف ڪارروائي لاءِ سفارشون پيش ڪندي.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وزيراعظم، گهرو ۽ بچاءَ واري وزير سميت انهن وزارتن جي سيڪريٽرين کي به طلب ڪري ورتو آهي. هن ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي هاڻي 28 فيبروري تي ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.