چونڊن ۾ جنرلن اربين رپيا ڪمايا، هاڻي چورن جي حڪمراني ايندي: محمود اچڪزئي

ڪوئيٽا(م ڊ)پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي چمن بارڊر تي جاري ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان کي بندوق سان نه ڊيڄاريو وڃي،اهن اليڪشن ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي،اليڪشن اسٽيبلشمينٽ هٿن ۾ کنئي ۽ اربين رپيا ورتا، هاڻي چورن جي حڪمراني اچي رهي آهي،اهي  قومي خزاني کي وڌيڪ لٽيندا،بين الاقوامي قانون سرحدن تي جانورن تي پابندي نٿا لڳائين ته پوءِ انسانن تي ڪهڙي پابندي هوندي، هتي چمن بارڊر تي پاسپورٽ سسٽم لاڳو ڪري پشتون قوم کي ورهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي،هن چيو ته اليڪشن ۾ جنرلن اربين رپيا ورتا، جن پنهنجو ضمير وڪرو ڪيو انهن کي کٽرايو ۽ جيڪي پنهنجو ضمير نٿا وڪرو ڪن انهن کي گولي هڻن ٿا، جڏهن ڪجهه ميمبر ٽي ارب سان سيٽ خريد ڪري سگهن ٿا ته اهي ملڪي خزاني کي لٽي ئي پنهنجي لاڳت ڪڍندا، پاڪستان کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ آئين جي بالادستي تي پورو يقين ڪرڻو پوندو،هن چيو ته مان اڄ تائين جنرل فيض سان ملاقات ناهي ڪئي،نه ئي کيس سڃاڻان ٿو، هن ملڪ ۾ صوبن کي برابري جا حق ڏناوڃن، هن چيو ته مان ان پاڪستان کي ڪڏهن به زنده باد نه چوندس جنهن ۾ پشتون قوم کي غلام سمجهيو وڃي ٿو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.