موٽروي ڪرپشن ڪيس: اڳوڻي ڊي سي ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ مٽياري_سکر موٽروي ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران جوابدارن تي فرد جرم  لڳايو ويو آهي ، جڏهن ته جوابدارن ڏوھھ کان انڪار ڪيو، عدالت 14 مارچ تائين گواھن کي طلب ڪرڻ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن. مٽياري سکر موٽروي ڪرپشن ريفرنس کي گڏ ھلايو پيو وڃي، ريفرنس ۾ 43 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آھي، ڪالھھ ٻڌڻي دوران سينٽرل جيل ۽ نارا جيل ۾ قيد جوابدارن تي وڊيو لنڪ ۽ عدالت جي سامهون  فرد جرم عائد ڪئي وئي. جڏھن تھ ھڪ جوابدار سعود جي ضمانت واري درخواست تي وڪيلن دليل ڏنا، جنھن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري عدنان رشيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.