سعودي جنرل اٿارٽي فار اسٽيٽسٽڪس پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، ملڪ اندر کان عمرو ادا ڪندڙ پانڌيئڙن جو انگ 9.5 ملين رهيو، جڏهن ته عمرو ادا ڪندڙ زائرين جو ڪُل انگ هڪ ڪروڙ 52 لک 33 هزار 767 تائين پهچي ويو آهي.
جنرل اٿارٽي فار اسٽيٽسٽڪس موجب، انهن ۾ مردن جو انگ 56.4 سيڪڙو ۽ عورتن جو تناسب 40.6 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته سعودي معتمرن جو انگ 28.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو.
سعودي حج ۽ عمري واري وزارت موجب، عمري جي ويزا جاري ڪرڻ جي آخري تاريخ 9 مارچ 2027ع آهي، جڏهن ته پانڌيئڙن جي سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ جي آخري تاريخ 23 مارچ 2027ع مقرر ڪئي وئي آهي.