”اسان کي قائداعظم بدران سائين جي ايم سيد جي قبر تي بيهڻ تي مجبور نه ڪيو“، ڪي بي لغاري جو اسٽيبلشمينٽ کي چتاءُ

ڪراچي (ويب ڊيس) سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف ماڻهو روڊن تي آيا ته اوهان جون گوليون ختم ٿي وينديون، پر ماڻهو ختم نه ٿيندا.
ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪي بي لغاري چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته هڪ پاسي قائداعظم محمد علي جناح جي قبر آهي ۽ ٻئي پاسي سائين جي. ايم. سيد جي قبر آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن اوهان طئي ڪري چڪا آهيو ته اسان قائداعظم جي مزار کان هٽي سائين جي. ايم. سيد جي مزار تي بيهون، ته پوءِ صحيح آهي، اهو ئي اسان کي منظور آهي.
ڪي بي لغاري چيو ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف ماڻهو روڊن تي آيا ته اوهان جون گوليون ختم ٿي وينديون، پر ماڻهو ختم نه ٿيندا.

 

You might also like