مظفرآباد (ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي چونڊن کانپوءِ نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو.
آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي 8 مخصوص سيٽن تي چونڊون ٿيون، جن ۾ عورتن جي 5 مخصوص سيٽن مان پاڪستان پيپلز پارٽي جون 2 ۽ مسلم ليگ ن جون 3 اميدوار ڪامياب ٿيون.
عورتن جي 5 مخصوص سيٽن تي مسلم ليگ ن جون سحرش قمر، مريم زمان ۽ مريم ادريس ڪامياب ٿيون، جڏهن ته پيپلز پارٽي جون فرزانه يعقوب ۽ زوبيا خورشيد پڻ ڪامياب قرار ڏنيون ويون.
زوبيا خورشيد ۽ رفعت عابد 5، 5 ووٽ حاصل ڪيا، جنهن کانپوءِ قرعه اندازي ڪئي وئي، جنهن ۾ زوبيا خورشيد جو نالو نڪتو.
علما ۽ مشائخ جي سيٽ تي مسلم ليگ ن جو پير مظهر سعيد شاهه ڪامياب ٿيو، ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي ن ليگ جو بئريسٽر افتخار گيلاني، جڏهن ته پرڏيهه ۾ رهندڙ ڪشميرين جي سيٽ تي ن ليگ جو عبدالرحمان آرائين ڪامياب قرار ڏنو ويو.
آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي ۾ ن ليگ مجموعي طور 31 سيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته پيپلز پارٽي 14 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي. عوامي دست و بازو جي هڪ سيٽ تي ن ليگ سان اتحاد کانپوءِ ن ليگ جون مجموعي سيٽون 32 ٿي ويون آهن.
اسيمبلي جو ايوان مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو.
آزاد ڪشمير اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو.
واضح رهي ته پونڇ ۽ سڌنوتي ۾ چونڊون نه ٿيڻ سبب 7 ميمبرن کانسواءِ حڪومت سازي جو عمل مڪمل ڪيو پيو وڃي.
You might also like