ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان بار ڪائونسل چونڊ ڌانڌلي خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ، ايوب ترين ايڊووڪيٽ چيو ته ڌانڌلي خلاف بلوچستان لائرز ڪانفرنس ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، راهب بليدي ايڊووڪيٽ چيو ته بلوچستان بار ڪائونسل پاران فراڊ خلاف ملڪ گير وڪيلن جي ڪانفرنس منعقد ڪري مستقبل جو لائحه عمل طئي ڪيو ويندو.