سينئر صحافي نذير ناجي لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور(م ڊ) سينيئر صحافي، تجزئي نگار ۽ ڪالم نگار نذير ناجي لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.نذير ناجي جي پٽ منصور ناجي پنهنجي والد جي وفات جي تصديق ڪئي آهي.نذير ناجي جي عمر 81 سال هئي، سندس گهرواري موجب نذير ناجي ڪافي عرصي کان بيمار هو.نذير ناجي کي صحافتي خدمتن جي اعتراف ۾ ”هلال امتياز“ سان پڻ نوازيو ويو.پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي نذير ناجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس صحافت جي ميدان ۾ ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

  1. عدالت سامهون سرينڊر ڪرڻ تي فيصل جاويد جا گرفتاري وارنٽ رد

اسلام آباد (م ڊ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ صحافي کي ڌمڪي ڏيڻ جي ڪيس ۾ سينيٽر فيصل جاويد جا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد خلاف صحافي کي ڌمڪي ڏيڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي فيصل جاويد سول جج قدرت الله جي عدالت ۾ پنهنجي وڪيل سرفراز مصروف سان گڏ پيش ٿيو.

  1. اليڪشن ڏهاڙي انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو اعزاز پاڪستان وٽ آهي: شعيب شاهين

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شعيب شاهين جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ ڪو به اهڙو ملڪ ناهي جتي چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ بند هجي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شعيب شاهين چيو ته فارم 45 رزلٽ آهي، فارم 47 رڳو اسٽيٽمينٽ آهي، اسٽيٽيمينٽ هڪ شخص بڻائيندو آهي جنهن ۾بدنيتي ٿي سگهي ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.