44 سيڪڙو پاڪستاني پنهنجي مالي حالتن سبب پريشان: سروي

اسلام آباد(م ڊ)سروي رپورٽ موجب 44 سيڪڙو پاڪستاني پنهنجي مالي حالت بابت پريشان آهن.اهڙو انڪشاف عوامي راءِ شماري جي مشهور اداري گيلپ پاڪستان جي نئين سروي ۾ ڪيو ويو آهي.گيلپ پاڪستان عوامي راءِ تي ٻڌل هڪ نئون سروي جاري ڪيو آهي.سروي ۾ 44 سيڪڙو پاڪستانين جو چوڻ هو ته هو پنهنجي مالي صورتحال بابت پريشان آهن، انهن جو چوڻ آهي ته هو 10 سال اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مالي طور ڪمزور ٿي ويا آهن.35 سيڪڙو پاڪستانين جي راءِ ان جي ابتڙ هئي، انهن جو چوڻ هو ته هو مالي طور تي وڌيڪ مضبوط ۽ خوشحال ٿيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.