دودا پور ۾ ڪارنھن الزام هيٺ مرد، عورت ۽ واٽھڙو قتل

ڳڙھي خيرو(ن ع آ) ڳڙھي خيرو ڀر سان دوداپور جي حد ۾ ڪارنھن الزام ۾ مرد, عورت ۽ واٽھڙو قتل ٿي ويا، ھڪ واٽھڙو زخمي ٿي پيو. جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ دوداپور شهر ۾ هوٽل تي ويٺل بابو لُهر کي قتل ڪري ڇڏيو, ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ واٽهڙو امين ڪٽوهر پڻ مارجي ويو ۽ محرم ڪٽوهر زخمي ٿي پيو. جوابدار نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد پُنهون ڀٽي پنهنجي گهر اندر نُنهن حاجران ڪٽوهر کي به فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي دوداپور پوليس پھچي وئي, ٻنهي مقتولن جي لاش کي ڳڙهي خيرو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو, واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه  ٿي سگھيا,جڏهن ته عورت جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاء ڳڙهي خيرو اسپتال منتقل ڪيو ويو. ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. دوداپور پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪارنھن جو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.