حڪومت سازي ۾ دير جا ڪجهه سبب

تحرير؛ سڪندر چنو

هن وقت پاڪستان وڏي انتشار جي طرف ڌڪجي رهيو آهي. ملڪ ۾ سياسي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي قيادتن وچ ۾ حڪومت ٺاهڻ تي اتفاق ناهي ٿي سگهيو. پ پ ۽ ن ليگ هڪ ٻئي جا جائز مطالبا نه مڃڻ ۽ ملڪ ۽ عوام جي مفادن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي خواهشن ۽ انا خاطر خواهشات ملڪ ۾ مارشل لا جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. اليڪشن کي گذرندي ٻن هفتن کان به وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي پر نه ته حڪومت سازي ٿي رهي آهي ۽ نه وري معاشي طور تي اڳتي وڃي رهيو آهي. آخرڪار ملڪ جي عوام ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جنهن پنهنجو قيمتي ووٽ ڏئي سياستدانن کي ايوانن تائين پهچايو آهي؟

هن وقت عوام جي ووٽ جي هڪ ٽشو پيپر جيتري اهميت وڃي بچي آهي. جيڪڏهن ووٽ کي هي اهميت نه آهي ته پوءِ اليڪشن ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي ۽ اليڪشن تي 70 ارب رپيا جو آيل خرچ خوامخاهه ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ 70 ارب رپيا پاڪستان جي خزاني مان ويا هاڻي هي پئسا ڪير ڀري؟ اسٽيبلشمينٽ طرفان  سڀ تجربا جيڪي عمران خان تي ڪيا ويا سڀ ناڪام ٿي ويا. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته عمران خان به اسٽيبلشمينٽ سان پرچار ڪري ٻاهر وڃي پئي سگهيو ۽ پوري زندگي عيش آرام جي گذاري پئي سگهيو ڇاڪاڻ ته شهرت ۽ دولت عمران خان جي پويان ڊوڙي رهي آهي عمران خان نه. پاڪستان جا اڪثر سياستدان دولت جي پٺيان ڊڪندا، ڊوڙندا پنهنجي عزت عوام ۾ وڃائي چڪا آهن ۽ عوام انهن کي هر خوار ڪندو رهي ٿو. اهڙي سياست ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ترڪي جي صدر طيب اردگان ۽ چيني صدر شي چن پنگ جي عزت ۽ شهرت دنيا جي سامهون آهي، ملڪ جو عوام انهن کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي. پر هتي پاڪستان جي سياستدانن جي عوام ۾ عزت ۽ مقبوليت اها وڃي رهي آهي جو اليڪشن ۾ عوام انهن کي خوار ڪري ٿو. نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾. پ پ ۽ ن ليگ پاور شيئرن تي جيڪڏهن متفق نه ٿي رهيون آهن. پ پ ن ليگ کان سنڌ ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين جي لاءِ گورنرشپ گهري رهي آهي جنهن تي ن ليگ حامي ڀري آهي. هوڏانهن ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته سنڌ جو گورنر ايم ڪيو ايم جو هجي. اها ويڙهه اڃان پنهنجي جاءِ تي پاسي تي موجود آهي. ان کان علاوه پ پ پنجاب ۾ ن ليگ کان گورنر شپ گهري ورتي آهي ۽ پ پ اهيو مطالبو به ڪيو آهي ته پنجاب ۾ ترقياتي فنڊ اڌ پ پ کي ڏنا وڃن. ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي ترقياتي فنڊن جي سهاري پنجاب ۾ سياسي صف بندي ڪري وٺندي. ۽ پنجاب مان اغوا  ٿيل پ پ جي سياسي ساک کي ن ليگ کان آزاد ڪرائي وٺندي. ۽ پنهنجي دوستن ۽ اميدوارن کي ترقياتي فنڊ وٺي ڏيندي جنهن سان پنجاب جي عوام ۽ ووٽرن جي نفسيات هڪ دم چڪر کائي وٺندي. پ پ جي انهن مطالبن کي ن ليگ اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي منهنجو هي ليک ڇپجڻ تائين ڊيڊ لاڪ هوندو يا ختم ٿي چڪو هوندو. بهرحال  هن وقت ملڪي حالتون ڇڪتاڻ جي طرف وڃي رهي آهي.

پاڪستان جي حالت تيونس جيان ٿيڻ جو انديشو آهي. تيونس ۾ جڏهن معاشي حالات بگڙي وئي هئي ۽ مهنگائي جو ماريل عوام ڏينهن ڏٺي مارڪيٽن ۽ دڪانن تي ڦر لٽ ڪئي جنهن کان پوءِ نيٺ دوڪاندارن ڦر لٽ ڪندڙن کان بچڻ لاءِ پنهنجي حفاظت لاءِ دوڪانن تي هٿيار رکڻ شروع ڪيا. مون کي ذاتي طور تي پاڪستان ۾ اهڙيون حالتون ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن. خدا نه ڪري جيڪڏهن اهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون ته پوءِ پاڪستان تي اسرائيل ۽ ڀارت ڪنهن وقت به اسٽرائيڪ ڪري نه وٺن. فوج کي تازه دم هجڻ لاءِ ۽ لاجسٽڪ جي لاءِ پئسا ۽ تيل لاءِ پئسا اصلحي ٺاهڻ لاءِ رقم گهرجي. هن وقت آءِ ايم ايف پاڪستان کي خبردار ڪيو آهي ته موجوده نگران حڪومت سان ڪوبه معاشي معاهدو نه ڪيو ويندو. سعودي عرب، قطر ۽ دبئي خود پاڪستان پاران امداد وٺڻ جي ايلازن کان تنگ ٿي ويا آهن. ۽ پاڪستان کان تقريبن منهن موڙي ڇڏيو آهي. پاڪستانين کي ارب ملڪن ۾ مزدوري به ڪونه ٿي ملي. آخر پاڪستان ڪڏهن معاشي طور اڀرندو. ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ختم ٿيندو پيو وڃي. مڊل ڪلاس بند گهٽي ۾ ڦاسي پيو آهي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ بجلي ناياب آهي ۽ بجلي جون لائينون ختم ٿي ويون آهن  ڪير ان تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. حالانڪه ٿيڻ ته ائين گهرجي ائٽمي ملڪ ۾ تقريبن بجلي 24 ڪلاڪ موجود هجي. پر بدقسمتي سان جو اسان جو عوام انهن سڀني مسئلن ۾ 1975 کان وٺي ڦاٿل ئي آهي. ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ گئس ناهي. لڳي ٿو ته انقلاب جي چڻنگ نڪرڻ لاءِ تياري جي آخري مرحلن ۾ آهي ان جي نڪرڻ کان پهريان سياستدان ۽ اسٽيبلشمينٽ ملڪ جي لاءِ سوچي بهتر نموني ملڪ کي هلائي وٺن. اختر مينگل جي تقرير پوري دنيا ۾ سوشل ميڊيا ذريعي وائرل ٿي ويئي آهي. جنهن اسٽيبلشمينٽ جا پول کولي ڇڏيا آهن هاڻي باقي ڇا بچيو آهي.

اسٽيبشلمينٽ جو سياست ۾ گهري پوڻ ڪو نئون واقعو ناهي يا راند ناهي. اهيا راند تمام پراڻي آهي پر پڙدي جي پويان کيڏي ويندي رهي آهي. اڪثر ماڻهو ان راند کان بي خبر رهيا آهن. هن ڀيري اسٽيبلشمينٽ پڙدي کي ڦاڙي کلي عام راند ۾ حصو وٺي رهي آهي. پهريان اسٽيبلشمينٽ پڙدي جي پويان رهندي سياستدانن کي فون ڪندي هئي ۽ حڪم ڪندي هئي ته هن طرف مڙي وڃو ته مڙي ويندا هئا. هاڻي ته ملڪ جي هڪ ننڍڙي ٻار کي به خبر پئجي وئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ سڌي طرح سياست ۾ ملوث ٿي ويئي آهي. هن وقت عمران خان تي ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي. اهو ملڪ سان وفاداري ۽ سچائي جي سزا ڀوڳي رهيو آهي. ٻين سياستدانن جيان ملڪ کان ٻاهر ڀڄي نه ويو آهي. هاڻي اسان جي ننڍڙي گذارش آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير کي آهي ته پاڪستان کي معاشي طور تي ريل جي پٽڙي تي آڻڻ لاءِ ۽ پنهنجي ڏنڊي جيڪا ملائيشيا جي ٻيٽ ملائڪا ايندي آهي هڪ ميز تي ويهاري حڪومتي سازي جو عمل مڪمل ڪيو وڃي. عوام ۽ دنيا جون نظرون فوج ۾ ڄميل آهن. جيڪڏهن سياستدان پنهنجي انا جي لاءِ سياسي خلفشار پيدا ڪرڻ کان نه مڙيا ته مارشل لا ئي ملڪ کي بچائڻ جو واحد رستو هوندو. آرمي چيف جنرل عاصم منير منهنجي ذاتي خيال موجب جلد اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جيان مقبول بڻجي ويندو. پرويز مشرف کان پوءِ جنرل راحيل شريف پهريون آرمي چيف هيو جنهن جي مقبوليت ۾ خاطر خواهه اضافو ڏسڻ ۾ آيو. ان جي دؤر ۾ ملڪ معاشي طور مضبوط هيو ملڪ ۾ امن امان صورت بهتر هيو. هن وقت صورتحال خراب آهي تنقيد براءِ اصلاحات ٻڌڻ جي به همٿ ۽ جرئت پيدا ڪئي وڃي. ٿي سگهي ٿو ته ڪو ننڍو ماڻهو به وڏي ڳالهه ڪري ويهي. جنهن سان ڪو به بهتر دڳ نڪري پوي. اها ڳالهه آهي جنرل عاصم منير ملڪ جي بگڙيل معاشي حالت کي بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجو بهتري ۽ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي. پر فيبروري ۾ ٿيندڙ اليڪشن پاڪستان کي دنيا ۾ خوار ۽ بدنام ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن آرمي چيف عمران خان کي الله پاڪ جي خوشنودي جي خاطر معاف ڪري ٿو ته آرمي چيف جي مقبوليت ۾ عمران خان جي مقبوليت جيان وڏو اضافو ٿيندو. پر افسوس خبر ناهي ڪهڙا صلاحڪار کين صلاح مشورا ڏيئي رهيا آهن.

بهرحال  هن وقت حالتن کي ڏسندي اهيو چئي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ امن و امان تي ڪنٽرول ڪيو وڃي بجلي ۽ گئس جي قيمتن کي گهٽ ڪيو وڃي تيل جي قيمتن کي گهٽ ڪيو وڃي باقي توهان ڄاڻو نااهل سياستدان ڄاڻن. هن وقت سپريم ڪورٽ ۾ 60 هزار جي لڳ ڀڳ مختلف نوعيت جا ڪيس پينڊنگ ۾ آهن جيڪي ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيل آهن آخرڪار انهن جا سائلين ڪيترو زنده هوندا جيڪو پنهنجي ڪيسن جي پوئيواري ڪندا؟ ۽ اهو وڏو ڪيسن جو تعداد آخرڪار ڪڏهن ختم ٿيندو؟ جيڪڏهن چيف جسٽس آف پاڪستان روزانو 3 هزار ڪيس هلائي انهن جو فيصلو ڪري ته منهنجي خيال ۾ عوام کي وڏو رليف ملي ويندو. بهرحال  هن وقت بلاول ڀٽو زرداري ن ليگ کي ڪنهن شرطن تي ووٽ ڏيندو پ پ اسٽيبلشمينٽ کان ايترو پري آهي جيترو اسلام آباد ۽ ڪراچي جو مفاصلو آهي. ن ليگ کي گهرجي ته ملڪ جي مفاد خاطر عمران خان وٽ پڻ وڃڻ گهرجي. لڳي ٿو ته وزيراعظم پ پ جو ئي ٿيندو. جيڪڏهن سياستدان پاڻ ۾ معاملا حل نه ٿا ڪن ته پوءِ مون کي راولپنڊي جي بوٽن جو آواز اچي رهيو آهي. ۽ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو وزيراعظم ٿيڻ نٿو چاهي ته پوءِ آءٌ نااهل وزيراعظم ٿيڻ لاءِ حاضر آهيان. ڇاڪاڻ ته مون کي ته صرف حڪم ئي مڃڻا آهن؟ جيڪي ٻين جيان مڃيندس.

سنڌ حڪومت جو قيام آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. وزارتن تي ڊيڊ لاڪ آهي ۽ لاڙڪاڻي جي نمائندگي تي غور ڪيو پيو وڃي. پر جلد بريڪ ٿرو اچي ويندو. هن وقت عدالتن ۾ ڪيس هڪ ڪول جيان هلي رهيا آهن يعني انهن جي رفتار تمام گهٽ آهي.  بهرحال  پ پ جا ن ليگ آڏو رکيل سڀ مطالبا جائز آهن. جيڪڏهن پيپلز پارٽي مشروط طور حڪومت ۾ شامل ٿئي ٿي ته پوءِ پيپلز پارٽي جو ووٽ بئنڪ وڌڻ بجاءِ گهٽ ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هن وقت ملڪ معاشي گهوٽالي جو شڪار آهي. ۽ آءِ ايم ايف جا شرط جيڪي عوام لاءِ برداشت قابل نه آهن ضرور وقت جي حڪومت کي مڃڻا پوندا. جيڪڏهن شرط نه مڃيا ويا ته پوءِ پاڪستان کي ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف قرض کان کتو جواب ڏئي ڇڏيندي. جنهن کان پوءِ پاڪستان جي حالت سري لنڪا کان به انتهائي ڪريل هوندي. بهرحال  ملڪ کي هلائڻو آهي ته هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻو پوندو ۽ تحريڪ انصاف کي پڻ حڪومت ۾ شامل ٿيڻو پوندو. جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته پوءِ ملڪ جي جمهوريت جو جيڪا اڳ ئي لولي لنگڙي آهي خدا ئي حافظ آهي. بهرحال  24 ڪلاڪ ملڪ جي لاءِ تمام آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.