ڪنيعا لعل گربخشاڻي سدائين ”لعل“ ئي رهيو

تحرير؛ ڪامريڊ محمد عرس سيلرو

استاد ڪنيعا لعل گربخشاڻي 1977ع ۾ شهدادڪوٽ هاء اسڪول ۾ استاد ٿي آيو ان وقت مان اسڪول ڇڏي چڪو هيس. سائين پاڻ چاليهن سالن جي ڄمار ۾ هو، جان ۾ ڀريل، ڪلين شيو سهڻو ستابو هوندو هو. انھيءَ دور  ۾ مشهور رانديون ملھه ڪوڏي ڪوڏي هوندي هئي سائين اسڪول ۾ڪوڏي ڪوڏي ڪرائيندو هيو ۽ پاڻ رانديگرن جو پڻ ريفري ٿيندو هيو ۽ رانديگرن جي وچ ۾ جيڪو فيصلو ڪندو هيو اهو سڀني رانديگرن کي قبول هوندو هيو. ان وقت ماڻهن جي تفريح جي اھا ئي راند هوندي هئي جيڪا اسان به ڏسڻ ويندا هئاسين ۽ سائين کي ريفري طور ڊڪندي ڏسندا هئا سين.

1978 ۾ آئون ٻلهڙيجي جي پيرزادن جي صحبت جي ڪري سنڌ هاري ڪميٽي جو شهدادڪوٽ ۾ بنياد رکيو ۽ ان وقت ۾ ڪامريڊ غلام حسين شر ۽ ڪامريڊ مانڌل شر اچي مونسان مليا ۽ ڪامريڊ غلام حسين ٻڌايو ته سائين لعل مونسان جيل ۾ گڏ رهيو آهي هل ته انهيءَ سان هلي ملئون پوءِ سائين سان ملي ڪري منهنجوان سان تعارف ڪرايائين ۽ ان بعد سائين سان ويجهڙائي ٿيندي وئي ۽ ھر سال مزدورن جي عالمي ڏينهن تي مزدورن جو جلسو شوق سان ٻڌڻ ايندو هيو ڇو ته ٽريڊ يونين جو اڳواڻ گل محمد بلوچ موئنث مذڪر گڏ ڪري ڳالهائيندو هيو ۽ آفيسر شاهي جي خلاف گهڻو ڳالهائيندو هيو ۽ ان وقت ڊڪٽيٽر ضيا شاهي جو دور  هيو پر هن کي به سرڪاري نوڪري جي ڪا پرواهه نه هوندي هئي ۽ سينو تاڻي اچي مزدورن جي جلسي ۾ ويهندو هو.

هي لاغرض خوداعتمادي وارو انسان هيو ۽ مذهبي تنگ نظريي جي سخت خلاف هو. پاڻ سيڪيولر طبيعت جو مالڪ هو ۽ قرآن شريف جون آيتون پڻ ٻڌائيندو هو جن ۾ انسان جو برابري جو درس مليل آهي خود مھمانوازي جو ڪوڏيو هو پاڻ اڪيلو سر رهندو هو پاڻ کي ماني ڊاڪٽر درشن جي گهران ملندي هيس ۽ پر مهمانن کي پنهنجي خرچ تي سٺن هوٽلن تي مھمانوازي ڪندو هيو، اسان جا تنظيمي دوست ڪميونسٽ يا هاري اڳواڻ ايندا هيا ته هن سان ضرور ملڻ هلندا هيا جهڙوڪ غلام حسين شر، غلام رسول سهتو ۽ قاسم پٿر سان بحث ڪندي وڙهي پوندو هيو.

قاسم پٿر به هن سان جيل ۾ رهيو ۽ پاڻ ۾ هجائتا هوندا هيا سائين کان معلومات وٺندي خبر پئي ته سائين جن جي پيدائش نئون ديرو لڳ پير جي ڳوٺ ۾ ٿي.  پنج ڀائر هيا سائين لعل ٻن کان ننڌو ۽ ٻن کان وڏو هيو هن ٻڌايو ته مون تي وڏن جو زور هيو واڻڪو ڪاروبار يا ڪو واپار ڪيان پر منهنجو تعليم تي شوق هيو ۽ مان ان ۾ ڪامياب ٿيس ۽ ستت ماستر ٿيس پر سياسي شعور هجڻ ڪري سزا طور مختلف هنڌن تي موڪليندا رهيا آئون جتي ويس اتي پنهنجو گهر سمجهي رهيس. وارهه ۾ مان جڏهن بدلي ٿي ويس ته مونکي وڌيڪ سڪون مليو ۽ ڊاڪٽر غفار قاضي جهڙا دوست مليا ۽ ان جي هميشه ڳالهھ ڪندو هيو ۽ ان جي والد جو به گهڻو ذڪر ڪندو هيو ته منهنجو وڌيڪ خيال ڪندو هيو.

مان جڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ جيل کان ٻاهر آيس ته مون سان مليو جيل جا احوال ورتائين مان چيو مانس ته سائين وارهه جا دوست اوهان کي ياد ڪندا ھئا ۽ آءُ نالو ٻڌايانس ته سائين لعل ان جي پيءُ جو نالو کڻي چوي ته ها ڙي ڦلاڻي جو پٽ اهڙي طرح سڀني ڪارڪنن جي سٺي ڄاڻ هيس ان کان بعد 1988 ۾ عام اليڪشن دوران نادر مگسي سان ڪو به اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ تيار نه هيو مان ان سان جڏهن ون ٽو ون مقابلو ڪيو ته سائين لعل تمام گهڻو خوش ٿيو. اسان جي مالي مدد به ڪئي ۽ جتي هٿ پڳس اتي ووٽ جي به مدد ڪئي ان کان پوءِ اڃا سائين سان ويجهڙائي ٿي ۽ هجت به رهي هن جو وڻن ۽ گلن سان وڏو چاه هيو ان ڪري اسان جي ليبر حال ۾ مڙئي چڪر هڻندو هيو وڻن ۽ گلن لاءِ ڏس پنڌ ڏيندو هيو ته هنن جي هيئن خدمت ڪيو.

پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ اسڪول جي اندر وڏي دٻ دٻي وارو استاد هيو ۽ شاگردن کان سواءِ استاد به هن کان لهرائيدا هئا ڇو ته هي اسيمبليءَ کان 5 منٽ اڳ ۾ پهچندو هيو ان ڪري استادن تي به هن جو داٻو هوندو هيو ته روزي حلال ڪري کائوآخر ۾ هن جي بدلي ڳوٺ رئيس اعتبار خان چانڊيو ۾ ٿي جيڪا شهدادڪوٽ کان تقريبن 7 يا 8 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ته تڏهن به اتي اسيمبلي کان اڳ ۾ پهچندو هيو ۽ آخر ۾ 1997 ۾ اتان رٽائرڊ ٿيو ۽ انهيءَ کان پوءِ سياري جو وارهه جي لڳ انور آباد پٺاڻ چانڊيي جي ڳوٺ رهندو هيو ۽ اونهاري جو شهدادڪوٽ رهندو هيو چوندو هيو ته منهنجا 2 گهر آهن رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ اسان جي سياسي پروگرامن ۾ ايندو رهندو هيو.

سائين کان سياسي ليڪچر به ڪرائيندا هئاسين جڏهن اسٽيج تي ڳالهائڻ ايندو هيو حال ۾ خاموشي ڇانئجي ويندي هئي ۽ ڪٿي به جيڪڏهن چرپر ڏٺيئين ته انهن کي خاموش ڪرائيندو هيو. سائين لعل سڄي عمر شادي نه ڪئي آخر ۾ جڏهن ضعيف ٿيو ته شادي نه ڪرڻ جو احساس ٿيس سائين سڄي عمر خانابدوش واري زندگي گذاري هوندي سوندي پنهنجو گهر نه ٺاهيو ۽ ڪنيعا لعل گربخشاڻي سدائين لعل رهيو ۽ سڀ ننڍا وڏا سدائين سائين کي لعل ڪري سڏيندا هيا،  سائين سدائين لعل ئي رهيو،  لڏي ڏور ويا ڏيان ڏوراپا ڪن کي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.