هن وقت دنيا جي 196 ملڪن جي ڪُل آبادي اٺ ارب ٻارنهن ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي ۽ انهن ملڪن ۾ ڪل ست هزار هڪ سئو ايڪونجاهه ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. چيني ٻولي ڳالهائيندڙن جو انگ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، جيڪا لڳ ڀڳ هڪ ارب ٽيهه ڪروڙ آهي. جڏهن ته ٻئي نمبر ۾ چاليهه ڪروڙ پنجاسي لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو اسپيني ٻولي ڳالهائين ٿا. دنيا ۾ انگريزي ٻولي ٽئين نمبر تي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ انگريزي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن جو انگ لڳ ڀڳ ٽيهه ڪروڙ ٽيهتر لک آهي. عربي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن جو انگ ٽيهه ڪروڙ ٻاهٺ لک آهي. پنجين نمبر تي اردو/هندي آهي ۽ ڇهين نمبر تي بنگالي آهي. جڏهن ته دنيا ۾ ٽي ڪروڙ ٻٽيهه لک ماڻهو سنڌي ڳالهائين ٿا. پاڪستان ۾ ستهتر ٻوليون ۽ لهجا ڳالهائجن ٿا جن مان لڳ ڀڳ 72 ٻولين جو ادب موجود آهي.
هڪ سروي موجب پاڪستان ۾ 14 سيڪڙو ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ پاڪستان ۾ ٽيون نمبر وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي پڻ سنڌي آهي. ڀارت ۾ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻولي کي پڻ قومي ٻولي جو درجو مليل آهي، جتي سنڌي ٻولي عربيءَ سان گڏ ديوناگري رسم الخط يا لپي ۾ لکي وڃي ٿي. اتي پڻ سنڌي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب شايع ٿين ٿا. پاڪستان ۽ انڊيا کانسواءِ اومان، فلپائن، سينگاپور، برطانيه ۽ امريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو سنڌي ڳالهائين ٿا. سنڌي ٻولي دنيا جي انهن وڏين ٻولين مان آهي، جيڪي نه صرف ڪمپيوٽر جي سسٽم ۾ داخل آهن، بلڪه انهن جا لهجا پڻ آهن. سنڌي ٻوليءَ جي لهجن ۾ اتراڌي، ڪڇي، ڪوهستاني، لاڙي، لاسي، ٿري، وچولو ۽ ٻيا لهجا شامل آهن.
گڏيل قومن جي اداري پاران 21هين فيبروريءَ تي هر سال مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. هيءُ ڏينهن ملهائڻ جو بنيادي مقصد مادري ٻولين جي اهميت کي نروار ڪرڻ آهي. هر سال يو اين او جي پاران هن ڏينهن تي ڪو نه ڪو پيغام عام ڪيو ويندو آهي. هن سال يعني 2024ع جو پيغام ” گهڻ ٻوليائي سکيا، نسل در نسل سکيا جو عمل“ آهي. هيءُ ڏينهن ملهائڻ جو پسمنظر ڪجهه هن ريت آهي ته قائداعظم جڏهن اردوءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو ته بنگالين ۾ ڏک جي لهر ڊوڙي وئي ۽ هو مسلسل بنگالي ٻوليءَ جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا. نيٺ اڄوڪي ڏينهن تي 1952 ۾ ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي ڪجھه شاگردن بنگالي ٻولي کي پاڪستان جي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ جو مظاهرو اڃا شروع ئي مس ڪيو ته مٿن پوليس فائرنگ شروع ڪري ڏني، نتيجي ۾ پنج شاگرد جن ۾ ابل برڪات، عبدالجبار، رفيع الدين احمد، عبدالسلام ۽ شفيع الرحمان شامل هئا؛ شهيد ٿي ويا ۽ ٻيا ڪيترائي شاگرد ڦٽجي پيا. ان کانپوءِ به وقت بوقت بنگالي مظاهرا ڪندا رهيا. نيٺ 29 فبروري 1956 تي پاڪستان جو پهريون آئين آيو، جنهن جي آرٽيڪل (1)214 موجب بنگالي ٻوليءَ کي به اردوءَ سان گڏ پاڪستان جي قومي ۽ سرڪاري ٻولي تسليم ڪيو ويو ۽ ڪرنسي نوٽن تي پڻ بنگالي ٻولي لکي وئي. اڳتي هلي بنگلاديش الڳ ملڪ ٿي ويو، پر هنن پنهنجي ٻوليءَ جي شهيدن کي ڪڏهن به ڪونه وساريو ۽ هو مسلسل يو اين او کي لکندا رهيا.
نيٺ 17 نومبر 1999 تي يونيسڪو پاران هر سال 21 فبروري کي عالمي سطح تي ٻولين جي اهميت کي نروار ڪرڻ ۽ ٻولين بابت سنجيده رويو اختيار ڪرڻ لاءِ عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو. ان ٺهراءُ جي منظوري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 2002 ۾ پنهنجي پاس ڪيل قرارداد نمبر 56/262 وسيلي ڏني. اڳتي هلي هڪ قرارداد وسيلي سال 2008 کي”مادري ٻولين جي بين الاقوامي سال” طور ملهائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته وري هڪ ٻي ٺهراءَ وسيلي سال 2019 کي "ڌرتي ٻولين جو بين الاقوامي سال” ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ۽ وري هڪ ٻيو ٺهراءُ پاس ڪيو جنهن ۾ 2022 کان 2032 تائين واري ڏهاڪي کي انڊيجينيس ٻولين جو عالمي ڏهاڪو ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو.
اسان سنڌي هن ڌرتيءَ جا اصلوڪا رهواسي آهيون انڪري هيءُ ڏهاڙو اصل ۾ اسان جو پنهنجو ڏهاڙو به آهي. ۽ اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي ماءُ ٻوليءَ سان پيار ڪريون. پنهنجن گهرن، مارڪيٽن، آفيسن، اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ ٻين ادارن ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو عام ڪريون. اسان جي ٻولي ترقي ڪئي ته اها اصل ۾ اسانجي ترقي هوندي.