لوڪ ڏاهپ ۽ احساسن سان ڀرپور شاعري

تحرير: علي بخش پٺاڻ

ماضيءَ ۾ ثميره زرين، خيرالنساءِ جعفري ۽ نورالهديٰ شاهه کان وٺي جيجي زرينا بلوچ، مهتاب محبوب، سحر امداد عطيه دائود تائين عورت قلمڪارن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر رهيو آهي ۽ هاڻي به جهان آرا سومرو ۽ روبينا ابڙو کان وٺي رخسانه پريت چنڙ تائين ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون ئي ليکڪائون آهن، جيڪي ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملهائي رهيون آهن. سندن انهيءَ مانائتي صف ۾ ڀيڻ رفيعه بخاريءَ جو نالو خوبصورت اضافو آهي. هتي انهن عورت ليکڪائن منجهه رفيعه بخاريءَ جو مَقام ۽ مرتبو انهيءَ ڪري نرالو آهي، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي جذبن جي اظهار جو ذريعو انگريزي ٻوليءَ کي بڻايو آهي. کيس اها ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته ايڪهين صديءَ جي هن جديد دور ۾ جتي دنيا گلوبل وليج يعني ننڍڙو ڳوٺڙو بڻجي وئي آهي، اتي پنهنجي سوچن، ويچارن ۽ احساسن کي جيترو وسيع ڪري سگهجي اوترو ڪرڻ گهرجي.

ٽالسٽاءِ کان وٺي دوستو وسڪيءَ تائين، شڪسپيئر کان وٺي وليم ورڊس ورٿ، شيلي ۽ ڪيٽس تائين، سارتر کان والٽيئر تائين ۽ فرانز ڪافڪا کان وٺي البرٽ ڪاميو تائين سنڌي ماڻهو سڄي جهان جو ادب پڙهي ٿو. ته آخر سنڌي ٻوليءَ جي اديبن ۽ شاعرن کي سموري دنيا جي پڙهندڙن تائين رسائي ڇو نه هجي؟! ان حوالي سان ڀيڻ رفيعه بخاريءَ جون ڪوششون ۽ ڪاوشون ناقابلِ فراموش آهن. هُن سنڌ جي نامياري ليکڪ سائين محمد علي پٺاڻ جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيون آهن، جن مان ڪجهه ڪهاڻيون The Ray of Hope نالي ڪتاب ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. ۽ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون جلد هڪ مجموعي جي صورت ۾ شايع ٿي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچڻ واريون آهن. ترجمن واري انهيءَ قلمي پورهئي تي به هوءَ داد لهڻي ٿي.

سائين محمد علي پٺاڻ بابت پنهنجي هن مجموعي ۾ هوءَ لکي ٿي ته،

I would like to express my special gratitude to my respectable prof. Muhammad Ali Pathan. My journey as a writer will be incomplete, if I don’t mention his name. He always stands by my side like a father.

A Flight of Broken Wings  ڪتاب جو عنوان ئي گَهَرو، شاعراڻوPoetic، تخليقيCreative ، Captivative ۽ پنهنجي جوهر ۾ وڏي ڳرُ وارو آهي. شاگرديءَ وارن ڏينهن ۾ لبنان جي عظيم ليکڪ خليل جبران جو Broken Wings پڙهيو هو. پر ڀڳل ۽ ٽُٽل کنڀڙاٽين باوجود پرواز ڪرڻ جو ساهس ادي رفيعه بخاريءَ جي هن مجموعي ۾ ملي ٿو.

ڪوبه عذر يا بهانو بڻائي ورچي ناهي ويهڻو. لطيف سائين چوي ٿو ته:

تيسين ڀَڳي سان ئي ڀير، جيسين رَتو راس ٿئي.

ايئن ادي رفيعه بخاري به چوي ٿي ته اُڏام، پوءِ ڀلي پَر ٽُٽل ئي ڇو نه هجن!

روميءَ کان وٺي لطيف تائين ۽ لطيف کان وٺي موجوده دور جي شاعرن تائين عظيم فڪر ۽ فلسفي جا سرچشما ساڳيا ئي رهيا آهن. سندن پيغام ۾ مماثلت جتي ڪٿي پئي بکندي نظر ايندي. بس سڀني جو اندازِ بيان رڳو مختلف آهي.

ادي رفيعه بخاري پنهنجي هڪ نظم ۾ چوي ٿي ته:

درد حقيقي دولت آهي،

اهو توهان کي اَگهو نه ٿو بڻائي،

جيڪڏهن اهو توهان جي جيءَ سان جُڙي پوي،

ته ان کي ڌڪي ڌار نه ڪيو،

اهو اوهان جي زندگيءَ جو  ساٿي آهي،

ياد رکو، اهو اوهان کي سگهارو بڻائي ٿو.

هيءَ شعور جي اها مٿانهين منزل آهي، جيڪا هڪ ڪويءَ کي تڏهن حاصل ٿيندي آهي، جڏهن سندس سوچون، خيال ۽ ويچار روايتي سطحي پڻي جو دامن ڇڏائي فڪر ۽ فلسفي جي اوچي آڪاش ڏانهن اڏام ڪندا آهن. هي اهو ئي فڪر آهي، جيڪو لطيف سائينءَ پنهنجي لفظن ۾ هينئن بيان ڪيو آهي:

تن سُورن کي شاباس، جن مونسين گڏ گهاريو.

فلسفي ۽ شاعرن کي عقابي اکيون ٿينديون آهن. جيڪي نه رڳو ڏور پولارن ۾ آئندي جا عڪس پرکي وٺندا آهن پر سندن نگاهه پاتال تائين پڻ رسائي رکندي آهي. هو صدين جو ادارڪ رکندا آهن. ۽ پنهنجي انهيءَ لوڪ ڏاهپ واري ورثي جا وارث به هوندا آهن. ادي رفيعه بخاري پنهنجي هڪ نظم ۾ چوي ٿي:

Wisdom and knowledge suffers.

هي اهو ئي ادراڪ، فهم ۽ فراصت آهي، جنهن جو اظهار رهبر لطيف هنن لفظن ۾ ڪيو هو  ته:

الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُک ڏسن.

سندس هن مجموعي ۾ ڏاهپ جا گفتا به آهن ته جمالياتي رنگ به آهن. نازڪ ۽ نفيس جذبن جو اظهار به آهي ته Labour Day جهڙن نظمن ۾ پورهيتن جي پيڙا جو احساس به آهي.

داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جي رنگ سان چِٽيل هي ڪتاب سڀني وصفين سهڻو آهي. جنهن جي هڪڙي وڏي خوبي اها به آهي ته شروعات کان پڇاڙيءَ تائين نظمن جي اهڙي ته ترتيب آهي، جو اهي پڙهندي محسوس ايئن ٿيندو ته ڄڻ ڪنهن ناول جا باب هجن. آخري نظم  يا پڙاڏو ڄڻ ته هن داستان جو خوبصورت ڪلائيميڪس هجي، جنهن ۾ ادي چوي ٿي ته:

ڌرتيءَ کان آڪاش تائين،

صرف هڪڙي ئي صدا آهي،

تون پرواز نه ٿي ڪري سگهين،

نٻل، ڪمزور ۽ شرميلي آهين،

پر اها اهو قصو اتي ختم ٿيو،

اچ ته ان کي الوداع چئون سڄڻ،

 

بندشن باوجود آڪاش ڏانهن اُڏام جي جرئت اها ڏات آهي، جنهن جو اظهار شيخ اياز هنن لفظن ڪيو هو ته:

 

مون ڏات انوکي آندي آ،

ٿي تند وڙهي تلوارن سان،

ٿا تنهنجا ڀاري بُرج لڏن،

تون هيڻو آن هٿيارن سان.

هيءَ اها ئي جرئت، همت ۽ حوصلو آهي، جيڪو لطيف سائينءَ جي سورمين ۾ نظر اچي ٿو.

آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين.

هن ڪتاب جي شاعراڻي ٻوليءَ جي حوالي سان جيڪڏهن ذڪر ڪجي ته سنڌ جي تمام وڏي عالم محترم گل محمد عمراڻي، ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ انگريزي ٻوليءَ جي مايه ناز ليکڪ، مترجم، شاعر ۽ ايڊيٽر سائين محمد هاشم سولنگيءَ جي ڪيل ساراهه هڪ حوالي سان ادي رفيعه بخاريءَ لاءِ اعزاز به آهي ته مڃتا ۽ سند مثل به آهي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.