بهادر نياڻين جي ڪلهي تي کنيل پيءُ جو لاش ۽ انصاف ملڻ وارو سوال

تحرير: ساگر سولنگي

سنڌ جي تاريخ ۾ ڏاڍ، جبر ۽ ظلم جو ڪاٿو ئي ناهي هر طرف اٿندڙ مظلوميت جي دانهن اندر کي وڍيندي رهندي آهي، هن جديد سوشل ميڊيا جي دور ۾ هر روز اسان کي ظلم جا انيڪ داستان ملي رهيا آهن، جن جو ازالو نٿو ٿئي ۽ سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ به هميشه ڪنن کان ٻوڙا، اکين کان انڌا ۽ زبان کان گونگا محسوس ٿيندا رهيا آهن، جنهن جي ڪري سنڌ جا غريب ماڻهو ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙجهندا رهيا آهن، پر مجال جو ڪنهن طرف کان مظلومن لاءِ انصاف جو ڪو دروازو کليو هجي.

اهڙي صورتحال ۾ افسوس ته ملڪ جي انصاف ٿيندڙ ادارن تي به آهي، جو سنڌين سان ٿيندڙ قهر تي ڪو به قانوني نوٽيس وٺڻ جي لاءِ تيار ئي ناهي، سنڌ جا روڊ رستا، سنڌ جا اسڪول، سنڌ جو انفرااسٽرڪچر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو، اسپتالن ۾ علاج جي لاءِ هميشه ماروئڙا واجهائيندي نظر اچن ٿا، لاقانونيت عروج تي پهتل آهي، بدامني جي باهه سنڌ جا خوبصورت شهرن کي ساڙي ويران ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي وڏي ظلم ۽ ڏاڍ تي اسان خاموش آهيون، اهڙي خاموشيءَ کي اسان غلامي جي نشاني سمجهون ٿا، ان غلامي مان نجات جي لاءِ سائين جي ايم سيد ورهين اڳ اسان کي پنهنجن ڪتابن ۾ آگاهه ڪيو آهي.

سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتابن ۾ لکيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو منهنجا محبوب آهن، سنڌ جي عشق ۾ پوري ڄمار قيد ۾ گذاري سگهان ٿو، ملڪ جي سگهارن هٿن به هميشه ان عشق جي ڏوهه ۾ سيد کي قيد ۾ رکيو، پر ڪڏهن به عدالت ۾ پيش نه ڪيو، سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي کانپوءِ سندس اهي محبوب ماڻهو دربدر ٿيندا ڏٺا آهن، هن وقت جي حاڪمن سيد جي محبوب قوم لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي، ڪيترن ئي ڳنڀرو نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ کانپوءِ ظلمن جي زندان جي ڪارين ڪوٺڙين ۾ واڙي انسان سوز تشدد ڪيو وڃي پيو، ان بي رحماڻي تشدد ۾ سنڌ جي غريب گهراڻن جي نوجوانن کي شهيد ڪيو پيو وڃي.

اڀ کي ڏاريندڙ دانهون جيڪا ظلم جي زندان جون آسمان تائين کڄل ديوار کي به ڏاري رهيون آهن، پر سنڌ ۾ سنڌي قوم جي قتلام تي قانون جون اکيون ناهن کليو، جنهن تي افسوس ۽ مذمت ڪرڻ سواءِ ٻيو ڪجهه ڪري به نه ٿا سگهون، هن وقت پٽن ۽ نياڻين کي پيءُ جا لاش ته پيءُ کي پٽن جا لاش پنهنجن ڪلهن تي کڻڻا پئجي رهيا آهن. هن وقت اسان سنڌ جي هر شهر ۽ هر ڳوٺ تي نظر وجهنداسين ته اسان کي انهن شهرن مان مظلوم ۽ بي پهچ ماڻهن جي رت جي بوءِ ضرور ايندي، جيڪا اسان جي روح کي جهنجهوڙي رهي آهي.

اهڙي ئي ظلم جو داستان نصيرآباد جو لوهار خاندان بيان ڪري رهيو آهي، نصير آباد جي وچ شهر ۾ هدايت لوهار کي سرعام اڻڄاتل هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري وڃن ٿا، قانون بي وسي ۽ لاچاري جا راڳ ڳائي رهيو آهي، هدايت لوهار جي نياڻين پنهنجي پيءُ جي ناحق قتل خلاف نصيرآباد ۾ 16 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، پر ملڪ جا ادارا انساني حقن وارين تنظيمن جي خاموشي هڪ وڏو سوال آهي. هدايت لوهار جي نياڻين سورٺ لوهار ۽ سسئي لوهار جو چوڻ آهي ته سندن والد جي دل ۾ سنڌ ڌڙڪندي هئي۔ هو سنڌ ڌرتي سان بي انتها محبت ڪندو، بابا، سائين جي ايم سيد جي فڪر سان لاڳاپيل هيو، جنهن ڏوهه ۾ هن مختلف وقتن تي اذيتون برداشت ڪيون، ان ئي ڏوهه ۾ کيس شهيد ڪيو ويو، جيڪڏهن هدايت لوهار کي سيد ۽ سنڌ سان عشق جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو آهي ته اهو ڪٿي جو قانون آهي، جو سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڏوهه ۾ امن پرست کي ائين بيدردي سان قتل ڪيو وڃي، جيڪا ملڪ جي قانون لاڳو ڪندڙن ادارن لاءِ وڏو سوال آهي. انهن سوال جو کين جواب ضرور ڏيڻو پوندو.

هتي ڳالهه ڪيون ته سنڌ ۽ سيد جي عاشق هدايت لوهار جو مڙهه سن آندو ويو، تنهن وقت سن جي فضا سوڳوار ٿي وئي، شهري جنازي ۾ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا، جڏهن ته قومپرست جماعتن جا اڳواڻ به هن جنازي نماز ۾ شريڪ هئا. هدايت لوهار جي مڙهه کي سائين جي ايم سيد جي مزار جي اڱڻ تي رکي عاشق ۽ محبوب کي ديدار ڪرايو ويو.

سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نياڻين پنهنجي پيءُ جي مڙهه کي ڪلهو ڏنو، جيڪو عمل ڏسي ماحول ويتر جذباتي ٿي ويو ۽ اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندا، قومپرست اڳواڻ هدايت لوهار جي جنازي کي سائين جي ايم سيد جي پيراندي کان شهيدن جي قبرستان ۾ ڌرتي جي هن ديواني جي مڙهه جي تدفين ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ نصيرآباد انڊس هاءِ وي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، پر هن ملڪ ۾ انصاف ملڻ وڏو مشڪل آهي، ان جي باوجود به نياڻيون پنهنجي پيءُ جي خون سان انصاف جي لاءِ روڊن تي موجود آهن، اهڙين باهمٿ نياڻين کي اسان سلام پيش ڪريون ٿا ۽ اسان جون دعائون ۽ همدرديون انهن نياڻين سان گڏ آهن ۽ اميد ٿا ڪريون ته من انصاف ڏيندڙ ادارن جون اکيون کلي پون ۽ کين انصاف ملي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.