وڏا چور اسيمبلين ۽ سينيٽ ۾ ويٺا آهن:خواجا آصف

سيالڪوٽ(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته مسلم ليگ ن وفاق ۾ پيپلز پارٽي سان گڏجي حڪومت ٺاهيندي. سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ واريون آهن، شهباز شريف کي اتحادين سان معاملا طئي ڪرڻ جو تجربو آهي،هن چيو ته ملڪ ۾ وڏا چور اسيمبلين ۽ سينيٽ ۾ ويٺا آهن، هي ماڻهو سيٽون خريد ڪندا آهن، سياسي استحڪام لاءِ اپوزيشن ۾ به ويهڻو پيو ته به اسان تيار آهيون، معيشت جي بحالي لاءِ تمام آسان طريقو آهي، هتي ٽيڪس، گئس ۽ بجلي جي چوري آهي، ان کي بند ڪيو وڃي ته معيشت بهتر ٿي سگهي ٿي،خواجا آصف جو چوڻ هو ته ريٽيل سيڪٽر ٽيڪس نٿو ڏئي، هتي اسمگلنگ ٿي رهي آهي، ايف بي آر جا آفيسر ارب پتي آهن، سڀني کي خبر آهي ته مرض ڇا آهي، هتي 87 سيڪڙو بجلي چوري ٿئي ٿي، جنهن جي ماليت 900 ارب رپيا آهي، مدي ۾ ڪجهه وصولي به ٿي. نگران حڪومت سٺو ڪم ڪيو آهي پر تسلسل جاري رهڻ گهرجي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.